اسلام آباد ۾ او آءِ سي عورتن واري وزارتي ڪانفرنس جي شروعات، 57 ميمبر رياستن جا نمائندا شريڪ

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي نائين عورتن واري وزارتي ڪانفرنس آچر کان اسلام آباد ۾ فني سطح جي اجلاسن سان گڏ شروع ٿي، ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ اٽڪل 190 نمائندا شريڪ آهن، جن ۾ وزير، اعليٰ حڪومتي آفيسر ۽ او آءِ سي جي 57 ميمبر ملڪن جا نمائنده شامل آهن. ڪانفرنس ۾ عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي شرڪت …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي نائين عورتن واري وزارتي ڪانفرنس آچر کان اسلام آباد ۾ فني سطح جي اجلاسن سان گڏ شروع ٿي، ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ اٽڪل 190 نمائندا شريڪ آهن، جن ۾ وزير، اعليٰ حڪومتي آفيسر ۽ او آءِ سي جي 57 ميمبر ملڪن جا نمائنده شامل آهن. ڪانفرنس ۾ عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي شرڪت کي وڌائڻ ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي مباحثا ڪيا ويندا. او آءِ سي ملڪن ۾ عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي بااختيار سازي، چئلينجز ۽ اڳيان جو رستو جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ان ڪانفرنس جو ڌيان عورتن جي تعليم، صحت، روزگار، انٽر پرينيورشپ، مالياتي خدمتن، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل موقعن تائين پهچ کي وسعت ڏيڻ ۽ عوامي زندگي ۾ انهن جي مڪمل شرڪت جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي آهي. افتتاحي ڏينهن فني ماهرن ۽ اعليٰ آفيسرن تياري جي سيشنز منعقد ٿيا، ته جيئن سومر ڏينهن ٿيندڙ وزيرن جي اجلاس لاءِ سفارشن کي حتمي صورت ڏئي سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف وزارتي سيشن جو افتتاح ڪندو جڏهن ته پاڪستان ايندڙ ٻن سالن لاءِ مصر پاران هينڊ اوور ڪرڻ کان پوءِ او آءِ سي عورتن واري وزارت ڪانفرنس جي چيئرمين شپ باقاعده سنڀاليندو. ڪانفرنس ۾ ڪيترائي اعليٰ پاڪستاني اڳواڻ خطاب ڪندا، جن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزير شزه فاطمه خواجه، قانون ۽ انصاف وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ قومي اسيمبلي جون ميمبر وجيهه قمر ۽ صبا صادق شامل آهن. هو پاڪستان جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن، تعليم، معاشي شموليت ۽ قيادت کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪنديون. ڪانفرنس جي پڄاڻي اسلام آباد پڌرنامي جي مظوري سان متوقع آهي، جنهن ۾ ميمبر ملڪن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين اڳيان وڌڻ ۽ جامع ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ گڏيل فريم ورڪ پيش ڪيو ويندو.

مزید خبریں