اسلام آباد ۔ 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آباديءَ بابت چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي گڏيل ڪوششن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته آباديءَ ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو اضافو معاشي منصوبابندي، روزگار جي فراهمي، تعليم، صحت، رهائش، غذائي تحفط، بنيادي شهري ڍانچي جي ترقي ۽ ماحولياتي پائيداري جي حوالي سان وڏن چئلينجز جو سبب آهن. اڄ ڇنڇر …
آباديءَ بابت چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ معاشري جي سمورن طبقن جون گڏيل ڪوششن لازمي آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آباديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد ۔ 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آباديءَ بابت چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي گڏيل ڪوششن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته آباديءَ ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو اضافو معاشي منصوبابندي، روزگار جي فراهمي، تعليم، صحت، رهائش، غذائي تحفط، بنيادي شهري ڍانچي جي ترقي ۽ ماحولياتي پائيداري جي حوالي سان وڏن چئلينجز جو سبب آهن. اڄ ڇنڇر ڏينهن ملهائجندڙ آبادي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ آبادي جي عالمي ڏينهن تي عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي آباديءَ جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن ذميواراڻي منصوبابندي جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته آباديءَ جي ذميواراڻي ۽ دانشمنداڻي منصوباسازي ۽ نظم ۽ ضبط ئي فلائي معاشري جو بنياد آهي، وسيلن سان متناسب آباديءَ سهولتن جي منصفاڻي ورڇ ۽ خوشحال عوام جي ضمانت آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي آباديءَ جي موضوع تي مختص هي ڏينهن ان جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، هن سال هي عالمي ڏينهن “نوجوانن جي اميدن ۽ امنگن کي اڄ ۽ مستقبل ۾ حقيقت بڻائڻ” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي، اهو موضوع ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته خوشحال مستقبل جي جوڙجڪ ۾ نوجوان مرڪزي حيثيت رکن ٿا، نئين نسل جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي اسان جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي ۽ نمايان نوجوان آباديءَ جي تناسب جي ڪري نمايان ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، مجموعي ملڪي آباديءَ جو 65 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو 30 سالن کان گهٽ عمر ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪو هڪ قيمتي قومي سرمايو ۽ معاشي ۽ سماجي ترقي جو مضبوط محرڪ آهي جڏهن ته آباديءَ ۾ ساليانو 2.55 سيڪڙو اضافو معاشي منصوبابندي، روزگار جي فراهمي، تعليم، صحت، رهائش، غذائي تحفظ، بنيادي شهري ڍانچي جي ترقي ۽ ماحولياتي پائيداري جي حوالي سان وڏا چئلينجز پڻ پيدا ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته نوجوان آباديءَ جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ مثبت ثمرن جي لاءِ دستياب ملڪي وسيلن ۾ مسلسل سيڙپڪاري ۽ جامع حڪمت عملي لازمي آهي ته جيئن انساني ڀلائي ۽ صلاحيتن جي واڌويجهه کي ترقي جي عمل جو محور بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪي آباديءَ جي ڏس ۾ جامع ۽ موثر قومي حڪمت عملي جي جوڙجڪ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي نگراني هيٺ آبادي بابت قومي ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي. آباديءَ جي لاءِ بهترين منصوباسازي جي لاءِ اهو اعلى سطحي قومي فورم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي پاليسي هم آهنگي ۽ اداراجاتي رابطن کي يقيني بڻائيندو. اها ڪائونسل قومي آباديءَ پروگرام جي لاڳو جي لاءِ پاليسي رهنمائي سان گڏوگڏ قومي ترجيحن موجب موثر عملدرآمد جي ڏس ۾ ضروري ۽ وقت سر فيصلاسازي پڻ ڪندي. ان کانسواءِ آباديءَ سان لاڳاپيل معاملن جي قومي ترقياتي ايجنڊا ۾ موثر شموليت، بااختيار عورتن، انساني وسيلن جي ترقي سميت ٻين حقيقتن تي ٻڌل رخن جي پاليسي سازي ۽ ڊگهي مدي واري سماجي ۽ معاشي خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪائونسل جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نوجوانن کي باصلاحيت، ذميوار ۽ بااختيار شهري بڻائڻ جي عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ٻيا اهم قومي قدم پڻ کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آباديءَ بابت چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي گڏيل ڪوششن کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته سمورن لاڳاپيل اڪائين بشمول وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، پارليامينٽ ميمبرن، ترقياتي حصيدارن، سول سوسائٽي، يونيورسٽين، نجي شعبن، عالمن، ميڊيا ۽ مقامي برادرين کي اپيل ڪريان ٿو ته آباديءَ جي معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي هنگامي بنيادن تي پنهنجي سماجي ذميواري جو احساس ڪن ۽ آباديءَ بابت باخبر فيصلن، ذميواراڻي پرورش، صنفي برابري ۽ پائيدار ترقي جي فروغ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انشاءَ الله گڏيل عزم ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي اسان اهڙو ماحول يقيني بڻائي سگهون ٿا جتي هر شهري کي صحتمند، باوقار ۽ باصلاحيت زندگي گذارڻ جا هڪ جهڙا موقعا ميسر هجن، گڏيل ڪوششن سان اسان ملڪي آبادياتي صلاحيت کي پائيدار قومي قوت ۾ بدلائي سگهون ٿا ۽ موجوده ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ مضبوط، مستحڪم، خوشحال ۽ ترقي يافته مستقبل کي يقيني بڻائي سگهون ٿا.










