وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي امن ۽ استحڪام جي فوري بحالي ۽ سمورين ڌرين تي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي امن ۽ استحڪام جي فوري بحالي ۽ سمورين ڌرين تي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي امن ۽ استحڪام جي فوري بحالي جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ايران ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪن جيڪو گذريل ڪجهه مهينن دوران امن جي لاءِ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. وزيراعظم اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل گڏيل واعدن ۽ ذميوارين جي پاسداري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اها مفاهمتي يادداشت خطي ۽ ان کان ٻاهر گڏيل افهام تفهيم، احترام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ هڪ پائيدار بنياد فراهم ڪري ٿي. وزيراعظم خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر پزشڪيان کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جي بحالي ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ مخلصاڻو ۽ ديانتداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان جي ٻي اعلى قيادت پاران مرحوم آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت تي ٿورا ادا ڪيا. هن خطي ۾ امن جي لاءِ ايران جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڏس ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گذريل مهيني صدر پزشڪيان جي اسلام آباد جي دوري دوران طئي ٿيندڙ فيصلن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ان تي تيزي سان عملدرآمد جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آيت الله سيد مجتبى حسيني خامنه اي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ شاندار جذبن جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطو برقرار رکڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں