اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ريبيڪا گرينسپين جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي فروغ، عالمي قانون ۽ عالمي معاهدن جي احترام جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ريبيڪا گرينسپين جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ريبيڪا گرينسپين جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي فروغ، عالمي قانون ۽ عالمي معاهدن جي احترام جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پائيدار عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان مقصد جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ديانتداري سان عملدرآمد لازمي آهي. هن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي تڪرارن جي منصفاڻي حل جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم عالمي ترقياتي ايجنڊا جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي نظام جي اهم ڪردار ۽ ان جي غيرمعمولي اهميت تي پڻ زور ڏنو.










