اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاريءَ سان ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن، بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، توانائيءَ جي شعبي جي مالي بهتري، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب هتي توانائيءَ واري …
وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاريءَ سان ڪي پي ڪي جي گورنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاريءَ سان ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن، بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي، توانائيءَ جي شعبي جي مالي بهتري، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب هتي توانائيءَ واري وزارت ۾ ملاقات دوران وفاقي وزير، ڪي پي ڪي جي گورنر کي پاور سيڪٽر ۾ جاري جامع سڌارن کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته گذريل ٻن سالن دوران حڪومت توانائيءَ جي شعبي کي مالي، انتظامي ۽ فني بنيادن تي مستحڪم بنائڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن. ان جي نتيجي ۾ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري آئي، لائن لاسز ۽ مالي خساري ۾ خاطرخواه گهٽتائي واقع ٿي، جڏهن ته گردشي قرضن ۾ اٽڪل 780 ارب رپين جي گهٽتائي آندي وئي آهي. سردار اويس لغاري ٻُڌايو ته واڌو پيداواري صلاحيت جي چئلينج کي مُنهن ڏيڻ کان پوءِ حڪومت اڃا روايتي بجلي خريداريءَ جي نظام کان اڳتي وڌندڙ چٽاڀيٽي بجلي مارڪيٽ جي قيام طرف تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪري رهي آهي، جتي ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌيءَ ريت بجلي جي خريد ۽ وِڪرو ممڪن ٿيندو. هن ٻُڌايو ته نجڪاري پروگرام جي پهرئين مرحلي ۾ 3 بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين ورڇيندڙ ڪمپنين کي به مرحليوار ان پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. وفاقي وزير، گورنر کي ٽرانسميشن نظام جي بهتريءَ لاءِ جاري قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته حڪومت قومي گرڊ جي ڊجيٽلائزيشن، ٽرانسميشن نظام جي سگهه ۾ واڌ، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز ۽ ايڊوانسڊ ميٽرنگ انفراسٽرڪچر کي هٿي وٺرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻُڌايو ته سڄي ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ 60 لک بجليءَ جي ميٽرن کي مرحليوار ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اي پي ايم ايس تحت ٽرانسفارميشن جي سطح تي لوڊ مئنجمينٽ جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن پوري گرڊ يا فيڊرز جي بندش بدران ضرورت موجب محدود سطح تي لوڊ مئنجمينٽ ذريعي صارفين کي وڌ کان وڌ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. گورنر پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن ۽ توانائيءَ جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جا هاڪاري نتيجا عوام ۽ قومي معيشت تائين پهچندا. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عوامي ڀلائي بابت معاملن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوام کي بهتر خدمتن جي فراهميءَ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مؤثر سهڪار اڻٽر آهي.










