اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون سندن دروازن تائين پهچائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو حقن جي جنگ نه پر ڀارت پاران مڙهيل پراڪسي وار آهي، پوري قوم جو عزم آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحاليءَ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. …
عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون سندن دروازن تائين پهچائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون سندن دروازن تائين پهچائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو حقن جي جنگ نه پر ڀارت پاران مڙهيل پراڪسي وار آهي، پوري قوم جو عزم آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحاليءَ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. جمعي تي ڦلگران ۾ ڊجيٽلائزڊ هيلٿ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام آباد جي 50 سيڪڙو آبادي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، جتان کان مريضن کي علاج لاءِ شهر جي وڏين اسپتالن ۾ اچڻو پوي ٿو، جڏهن ته اسلام آباد جي وڏين اسپتالن ۾ ڪي پي ڪي، جهلم، مري ۽ ڪوٽلي ستيان تائين ماڻهو ايندا آهن. هن چيو ته پهرين پمز ۾ روزانو 400 کان 500 مريض ايندا هئا هاڻ اهو تعداد وڌي 8 کان 10 هزار مريض روزانه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت 1163 ارب رپيا صحت جي شعبي لاءِ رکيا آهن. اسان جا اسلام آباد جا 22 بنيادي مرڪز آهن جن مان ڪيترائي يونٽ فعال ناهن ۽ انهن کي فنڪشنل بڻائڻ وقت جي اهم گهرج آهي. هن چيو ته صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال صحت جي شعبي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي جنهن عزم جو اظهار ڪيو آهي ان تي عملدرآمد ڪئي وڃي ته اڌ کان وڌيڪ رقم مان اسان پنهنجي آباديءَ کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف جو عزم آهي ته سڌارن ۽ پاليسي ميڪنگ ذريعي انهن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميداري آهي، هن چيو ته هڪ وقت ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي گذارش ڪئي هئي ته اسان کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ ۾ جامع رٿابندي کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته 2009ع ۾ آمريڪا جي سرڪاري دؤري دوران مون ڏٺو ته اُتي هڪ اسپتال ۾ روبوٽڪ سرجري ٿي رهي هئي، دنيا ۾ هن وقت ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ڊاڪٽر ٻئي ملڪ ۾ ويهي به آپريشن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڦلگران ۾ ڊجيٽلائزڊ هيلٿ يونٽ جو قيام سٺو قدم آهي. هن ماڊل تحت بنيادي صحت مرڪز جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. علائقي جون مائرون ڀينرون هتي اچي پنهنجو علاج ڪرائي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته هاڻ سموري جنگ دماغ ۽ ٽيڪنالاجي جي آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ڀارت خلاف جنگ ۾ اسان کي سرحد پار نه وڃڻو پيو، ٽيڪنالاجي ذريعي ئي الله تعاليٰ پاڪستان کي بي مثال ڪاميابي عطا ڪئي. ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جنهن ترقي ڪئي اهو اڳتي نڪري ويو. هن چيو ته ٽيلي ميڊيسن ذريعي اسلام آباد جي سمورن بنيادي مرڪزن ۾ صحت جون سهولتون آڻينداسين. اسان جي ڪوشش ۽ ترجيح آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ ملڪ جي هر شعبي ۾ پاڪستان پنهنجو نالو روشن ڪري. هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي سفارتڪاريءَ کي سڄي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن ڪوئيٽه ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪوئيٽه ۾ اسان جي 40 کان وڌيڪ بهادر جوانن پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته هي هاڻ حقن جي جنگ نه ٿي رهي آهي پر ڀارت اسان تي پراڪسي وار مڙهي آهي. هن چيو ته شڪايتون هر صوبي ۾ هونديون آهن، اسان کي خبر آهي ته ڪنهن صوبي کي ڪهڙا ڪهڙا وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن، پوري قوم جو عزم آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحاليءَ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.










