اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي قائم ڪيل ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو ٻيو اهم اجلاس اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سانوڻي 2026ع دوران جان ۽ مال ۽ قومي انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن …
رٿابندي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽيءَ جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي قائم ڪيل ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو ٻيو اهم اجلاس اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سانوڻي 2026ع دوران جان ۽ مال ۽ قومي انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي مون سون 2026ع لاءِ لاڳاپيل ادارن طرفان هن وقت تائين ڪيل تيارين ۽ هنگامي ردِعمل جي نظام جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي ادارن طرفان مون سون دوران امڪاني خطرن کي مُنهن ڏيڻ خاص ڪري اُترين علائقن ۾ محفوظ سياحت کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان ڪيل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گرمي پد ۾ واڌ سبب اُترين علائقن ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملبي جي وهڪري جا خدشا موجود آهن جنهن لاءِ اڳواٽ قدم اڻٽر آهن. وفاقي وزير احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواٽ رٿابندي، وقت سر قدمن ۽ سمورين ڌُرين وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته قومي سطح تي مؤثر رابطا ڪاري ۽ وقت سر ردِعمل جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به قدرتي آفت واري صورتحال ۾ نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم جي عزم کي ورجايو.










