اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته پاڪستان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ آهن ۽ بهتر موقعا ۽ معياري سهولتن جي فراهمي تي هو قومي ۽ عالمي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر سيد محسن گيلاني سان ملاقات دوران چئي، جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪري …
نوجوانن کي بهتر موقعا ملن ته هو عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا: رياض حسين پيرزاده

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته پاڪستان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ آهن ۽ بهتر موقعا ۽ معياري سهولتن جي فراهمي تي هو قومي ۽ عالمي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر سيد محسن گيلاني سان ملاقات دوران چئي، جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪري ملڪ ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ ۽ ان راند جي بحاليءَ لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير پاڪستان فٽبال فيڊريشن طرفان فٽبال جي بحالي ۽ نوجوان ٽيلنٽ جي حوصله افزائي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته هو پاڻ به پنهنجي اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني ۾ مختلف راندين ۾ سرگرم رهيو آهي. هن چيو ته صحتمند جسم ۾ ئي صحتمند ذهن کي هٿي ڏئي ٿو ۽ رانديون نوجوانن ۾ نظم و ضبط، خوداعتمادي ۽ مثبت طرزِ فڪر پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.










