پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ بلوچستان پوليس طرفان ”آپريشن شعبان“ جاري، مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون

ڪوئيٽه-10 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي ضلعي منگي ڊيم پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ بلوچستان پوليس طرفان گڏيل ڪارروائي ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، جنهن دوران مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. سيڪيورٽي ذريعن موجب 6 کان 7 جولاءِ تي ڪيل ڪاررواين ۾ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 26 دهشتگرد ماريا ويا هئا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن …

ڪوئيٽه-10 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي ضلعي منگي ڊيم پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ بلوچستان پوليس طرفان گڏيل ڪارروائي ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، جنهن دوران مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. سيڪيورٽي ذريعن موجب 6 کان 7 جولاءِ تي ڪيل ڪاررواين ۾ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 26 دهشتگرد ماريا ويا هئا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 13 دهشتگرد ماريا ويا، جنهن کان پوءِ آپريشن شعبان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 39 ٿي ويو. ذريعن موجب ڏُکين جابلو علائقن ۾ دهشتگردن جي گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آهي ۽ زميني ۽ فضائي ڪاررواين ذريعي مختلف هنڌن تي آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن صبح خضدار جي علائقي زيدي ۾ دهشتگردن طرفان پوليس اسٽيشن تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. فوري ڪارروائيءَ دوران پاڪ فوج ۽ ايف سي جي جٿن 8 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته هيليڪاپٽر آپريشنز ۾ وڌيڪ 5 کان 6 دهشتگردن کي مارڻ جا اطلاع پڻ مليا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب 5 جولاءِ کان جاري آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشنز ۾ هن وقت تائين مجموعي طور 75 دهشتگرد مارجي چڪا آهن، سيڪيورٽي ذريعن ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

مزید خبریں