اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بنگلاديشي هم منصب صلاح احمد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت پاران جمعي تي جاري ٿيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي گهرو وزيرن گڏيل مفادن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي تفاق ڪيو. ان …
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي گهرو وزيرن جي ملاقات، سائبر ڪرائيمز جي خاتمي، پوليس ٽريننگ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بنگلاديشي هم منصب صلاح احمد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت پاران جمعي تي جاري ٿيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي گهرو وزيرن گڏيل مفادن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي تفاق ڪيو. ان موقعي تي پوليس آفيسرن جي جديد رُخن تي ٽريننگ ۽ ايڪسچينج پروگرامز شروع ڪرڻ جي حوالي سان به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ملڪن موجوده دؤر جي وڏن چئلينجز خاص ڪري سائبر ڪرائيم ۽ آن لائن فراڊ جي روڪٿام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ملاقات ۾ ايران- آمريڪا تڪرار ۽ وچ اوڀر جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. بنگلاديشي گهرو وزير خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ مثبت ڪردار کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو. محسن نقوي چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل خطي ۾ امن لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان کي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ موجود نَون موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.












