اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ گذريل مالي سال دوران سالياني بنياد تي 15 سيڪڙو واڌ ٿي رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال 2026ع ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 5.22 ارب ڊالر ناڻو ڏيهه موڪليو جيڪو مالي سال 2025ع جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 2025ع ۾ يورپي …
يورپي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي ۾ سالياني بنياد تي 15 سيڪڙو واڌ ٿي: اسٽيٽ بئنڪ
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ گذريل مالي سال دوران سالياني بنياد تي 15 سيڪڙو واڌ ٿي رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال 2026ع ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 5.22 ارب ڊالر ناڻو ڏيهه موڪليو جيڪو مالي سال 2025ع جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 2025ع ۾ يورپي يونين ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 4.54 ارب ڊالر پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪليو هو. جون ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 415 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جون جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل سال جون ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 442 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مئي جي ڀيٽ ۾ جون ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن مان موڪليل ناڻي ۾ ماهوار بنياد تي 11 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. مئي ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 466 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو جون ۾ گهٽ ٿي 415 ملين ڊالر ٿي ويو. واضح رهي ته گذريل مالي سال دوران سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 41.58 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو مالي سال 2025ع جي 38.39 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو وڌيڪ آهي.












