اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي بئنڪ بجلي جي رسد واري نظام جي بهتريءَ لاءِ پاڪستان کي 375.9 ملين ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بئنڪ طرفان جاري بيان موجب عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جمعي تي گرڊ اسٽيبليٽي انهانسمنٽ پراجيڪٽ لاءِ 375.9 ملين ڊالرن جي مالي مدد جي باضابطه منظوري ڏني. هي منصوبو 10 سالن جي پروگرام جي پهرئين مرحلي طور شروع …
عالمي بئنڪ بجلي جي رسد واري نظام جي بهتريءَ لاءِ پاڪستان کي 375.9 ملين ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي بئنڪ بجلي جي رسد واري نظام جي بهتريءَ لاءِ پاڪستان کي 375.9 ملين ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بئنڪ طرفان جاري بيان موجب عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جمعي تي گرڊ اسٽيبليٽي انهانسمنٽ پراجيڪٽ لاءِ 375.9 ملين ڊالرن جي مالي مدد جي باضابطه منظوري ڏني. هي منصوبو 10 سالن جي پروگرام جي پهرئين مرحلي طور شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ملڪ جي بجلي جي نظام جي رسد کي جديد رُخن تي اختيار ڪرڻ، بجلي جي بندش ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ـ تجديد جوڳي توانائي جي مؤثر انضمام کي ممڪن بڻائڻ آهي. هي منصوبو بوسٽنگ انرجي سيڪيورٽي ٿرو ٽرانسميشن اِن پاڪستان (پاڪ بيسٽ) ملٽي فيز پروگراميٽنگ اپروچ تحت لاڳو ڪيو ويندو. ان جو بنيادي مقصد بجلي جي قومي رسد جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان کي هڪ وڌيڪ قابلِ اعتماد، مؤثر ۽ پائيدار بجلي جي شعبي طرف منتقل ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما اماگابازر ٻُڌايو ته پاڪستان کي درپيش توانائيءَ جي مسئلن جو مجموعي معاشي استحڪام سان گهرو تعلق آهي، جديد ٽرانسميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ سان بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي، قومي گرڊ جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ تجديد جوڳي توانائي جي وڌيڪ استعمال جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته هي منصوبو هڪ اهڙو مضبوط ۽ لچڪدار بجلي جي نظام جو بنياد رکندو جيڪو گهريلو صارفين، ڪاروباري ادارن ۽ صنعتن کي بهتر خدمتون فراهم ڪندو ۽ ملڪي معاشي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان جي بجليءَ جي رسد وارو نظام ڪيترن ئي سالن کان گرڊ جي غير مستحڪم صورتحال ۽ رسدي رڪاوٽن جو شڪار آهي، جنهن سبب بجلي جي فراهميءَ ۾ بار بار رڪاوٽون پيش اچن ٿيون. تجديد جوڳي توانائي جي وسيلن مان مڪمل فائدو نه پيو کڻي سگهجي. بجلي جي لاڳت وڌي وڃي ٿي ۽ معاشي سرگرميون متاثر ٿين ٿيون. منصوبي تحت 3 اهم 500 ڪلو ووٽ سب اسٽيشنز تي گرڊ کي مستحڪم ڪندڙ جديد اوزارن جن ۾ اسٽيٽڪ سنڪرونس ڪمپنسيٽرز شامل آهن، لڳايا ويندا. ان کان علاوه سڄي ملڪ جي 26 سب اسٽيشنز تي فڪسڊري ايڪٽرز ۽ ڪيپيسيٽر بئنڪن لڳايا ويندا ته جيئن بجلي جي رسد جو نظام بهتر ٿئي، نظام ۾ استحڪام اچي ۽ بجلي جي رسد کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ ڏکڻ پاڪستان ۾ هن وقت محدود ڪيل 640 ميگاواٽ هوا مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ کي قومي گرڊ ۾ منتقل ڪرڻ ممڪن ٿيندو، جنهن سان اتي موجود 1840 ميگاواٽ ونڊ پاور جي سگهه مان فائدو کڻي سگهبو. هي منصوبو نجي شعبي جي قيادت ۾ قائم ڪيل تقريبن 491 ميگاواٽ جي نئين تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن کي به قومي گرڊ سان ڳنڍڻ ۾ مدد ڏيندو. عالمي بئنڪ موجب هي قدم پاڪستان کي پيرس معاهدي تحت پنهنجي قومي سطح تي طئي ٿيل حصيداري جي هدف جي ويجهو وٺي ايندو، جنهن موجب ملڪ 2030ع تائين پنهنجي مجموعي بجلي ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ جو حصو 60 سيڪڙو تائين وڌائڻ چاهي ٿو. منصوبي جي 25 سالن جي امڪاني مدت دوران هر سال اٽڪل 832500 ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي ايندي، جڏهن ته مجموعي طور اها گهٽتائي 20.8 ملين ٽن کان وڌي ويندي. عالمي بئنڪ جي ليڊ انرجي اسپيشلسٽ وليد صالح ٻُڌايو ته پاڪستان جي توانائيءَ جي مستقبل لاءِ جديد ۽ قابلِ اعتماد رسد وارو نظام اڻٽر آهي. هي منصوبو وڏي پيماني تي صاف توانائي کي هٿي وٺرائڻ، توانائيءَ جي تحفظ، واپاري بنيادن تي ٻَڌل مضبوط ٽرانسميشن سيڪٽر جي قيام ۽ نجي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي منصوبو پاڪستان حڪومت طرفان بجلي جي رسد جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان تحت نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپنيءَ کي مختلف خصوصي ذيلي ادارن ۾ ورهائڻ جي عمل ۾ مدد فراهم ڪندو ته جيئن گورننس، جوابدهي، عملي ڪارڪردگي ۽ ڊگهي مُدي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائي سگهجي.












