ڪارگو جهاز حادثو، ملبي جي تلاش، امدادي آپريشن جاري، وڌيڪ پُرزا ۽ ملبو سمنڊ مان ڪڍيو ويو

اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (پي اي اي) چيو آهي ته عربي سمنڊ جي گهري سمنڊ ۾ ڪي ٽو ايئرويز جي حادثي جو شڪار ٿيل ڪارگو جهاز جي عملي ۽ ملبي جي ڳولا لاءِ پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جو گڏيل سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري تفصيل موجب گم ٿيل جهاز جي عملي  جا …

اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (پي اي اي) چيو آهي ته عربي سمنڊ جي گهري سمنڊ ۾ ڪي ٽو ايئرويز جي حادثي جو شڪار ٿيل ڪارگو جهاز جي عملي ۽ ملبي جي ڳولا لاءِ پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جو گڏيل سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري تفصيل موجب گم ٿيل جهاز جي عملي  جا ماڻهو تلاش ڪرڻ لاءِ فضائي ۽ سامونڊي اثاثن کي گڏيل ۽ منظم طريقي سان ڪتب آندو پيو وڃي ۽ هي مشن جاري آهي. تلاش دوران جهاز جا وڌيڪ پُرزا ۽ ملبو لوڪيٽ ڪري سمنڊ مان ڪڍيا ويا آهن. ان ملبي کي حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ٽيم حوالي ڪيو ويندو ته جيئن ان جو تفصيلي تجزيو ڪري سگهجي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو چوڻ آهي ته گهري سمنڊ ۾ سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن مسلسل جاري آهي ۽ جيئن ئي ان حوالي سان وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.