اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرڪ ۾ دهشتگردن خلاف انتهائي ڪامياب آپريشن تي ڪي پي ڪي پوليس جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن دوران 4 خطرناڪ دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن بهادريءَ جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران ڪرڪ ۾ ڪامياب آپريشن تي ڪي پي ڪي پوليس کي خراجِ تحسين پيش
اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرڪ ۾ دهشتگردن خلاف انتهائي ڪامياب آپريشن تي ڪي پي ڪي پوليس جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن دوران 4 خطرناڪ دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس فورس کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن بهادريءَ جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪروه اِرادن کي ناڪام بڻايو آهي. هن ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي واضح ڪيو ته دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙان پٽي اُڇلائڻ لاءِ اسان جي سموري سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس پوريءَ طرح پُرعزم آهن. وطنِ عزيز جي امن کي ڪو به نقصان پهچائڻ نه ڏنو ويندو. اي












