وزيراعظم پاران پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ مختلف شعبن کي آسان شرطن تي مالي سهولتن جي فراهمي لازمي قرار

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ مختلف شعبن کي آسان شرطن تي مالي سهولتن جي فراهمي کي لازمي قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪون ترجيحي شعبن خاص طور تي ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ نمايان اضافو ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ ايڪسيس ٽو فنانس جي فروغ …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ مختلف شعبن کي آسان شرطن تي مالي سهولتن جي فراهمي کي لازمي قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪون ترجيحي شعبن خاص طور تي ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ نمايان اضافو ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ ايڪسيس ٽو فنانس جي فروغ جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس جمعي ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايڪسيس ٽو فنانس پلان تي بريفنگ ڏني وئي ۽ معاشي استحڪام سان پائيدار معاشي ترقي جي سفر کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ايڪسيس ٽو فنانس پلان جي ترجيحن ۽ هدفن تي روشني وڌي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بنيادي ترجيحن ۾ مالي سهولتن جي فراهمي کي سگهه ڏيڻ ۽ ان کي قومي سطح تي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ شامل آهي. بريفنگ موجب ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز)، زراعت، روانگي واپار، قابل تجديد توانائي، هائوسنگ ۽ آءِ ٽي شعبن جي لاءِ آسان قرضن ۽ ڪريڊٽ تائين پهچ وڌائڻ پلان جو مرڪزي نقطو آهي، روانگي واپار ۾ اضافو، پائيدار معاشي ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ پلان جو بنيادي مقصد آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان منصوبي تي عملدرآمد ڪندي ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل پوري نظام تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو. ناڻي وارو وفاقي وزير نئين گورننس اسٽرڪچر جي سربراهي ڪندو جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر شريڪ سربراهه هوندو، گورننس اسٽرڪچر تحت باقاعده اجلاس منعقد ٿيندا ۽ وزيراعظم کي هر مهيني اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو. بريفنگ موجب نئين گورننس اسٽرڪچر تحت ايندڙ 2 سالن جي لاءِ مختلف شعبن ۾ مالي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان پُرعزم هدف مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ مختلف شعبن کي آسان شرطن تي مالي سهولتن جي فراهمي لازمي آهي، ايس ايم اي سيڪٽر ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته بئنڪون ترجيحي شعبن خاص طور تي ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ نمايان اضافو ڪن. وزيراعظم چيو ته آسان شرطن تي مالي سهولتن جي دستيابي سان روانگي واپار ۾ اضافو، روزگار جا نوان موقعا ۽ پائيدار معاشي ترقي ممڪن ٿيندي، مالي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بئنڪن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ايڪسيس ٽو فنانس پلان تي اڳڀرائي جي حوالي سان هر مهيني جائزه اجلاس جي صدارت هو پاڻ ڪندو، حڪومت مالي سهولتن تائين پهچ وڌائي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ۽ روانگي واپار تي ٻڌل بڻائڻ چاهي ٿي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايڪسيس ٽو فنانس پلان جي هدفن ۾ بئنڪن پاران ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ قرضن جي انگ ۽ قرض حاصل ڪندڙ ڪاروبارن جي انگ ۾ نمايان اضافو شامل آهي، نجي شعبي جي قرضن ۾ ايس ايم اي سيڪٽر جو حصو 7 سيڪڙو مان وڌائي ايندڙ ٻن سالن ۾ 10 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. بريفنگ موجب ايس ايم اي شعبي ۾ قرضن مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ 310000 مان وڌائي ايندڙ ٻن سالن ۾ 750000 ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، پاڪستاني بئنڪن جا صدر ۽ سي اي اوز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ اعلى سرڪاري عملدار شريڪ هئا.

مزید خبریں