وزيراعظم پاران آپريشن شعبان جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف منگي ڊيم پوليس اسٽيشن واقعي کانپوءِ پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس جي “آپريشن شعبان” جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي خلاف گرينڊ آپريشن ۾ هيستائين 75 دهشتگردن کي مارڻ فورسز جي اعلى پيشيواراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد ۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف منگي ڊيم پوليس اسٽيشن واقعي کانپوءِ پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس جي “آپريشن شعبان” جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي خلاف گرينڊ آپريشن ۾ هيستائين 75 دهشتگردن کي مارڻ فورسز جي اعلى پيشيواراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيندي چيو ته ڏکئي رستن واري جابلو علائقن ۾ آپريشن جي لاءِ فورسز جي حڪمت عملي ساراهه جوڳي آهي. هن خضدار ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج ۽ ايف سي جي دستن جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم جي پختي عزم ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي، ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته بلوچستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي هر سازش ناڪام بڻائي ويندي، پوري قوم پنهنجي بهادر ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں