وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ريبيڪا گرينسپين جي ملاقات

اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي موثر ۽ مڪمل عملدرآمد ۽ عالمي قانونن ۽ عالمي معاهدن جي احترام کي لازمي قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي …

اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي موثر ۽ مڪمل عملدرآمد ۽ عالمي قانونن ۽ عالمي معاهدن جي احترام کي لازمي قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ريبيڪا گرينسپين سان ڪيو. جنهن ساڻس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار سان مُلاقات ۾ گهڻ رُخي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم کي ورجائيندي گڏيل قومن جي منشُور جي مقصدن ۽ اصولن جي فروغ ۽ پاسداري جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي موثر ۽ مڪمل عملدرآمد، عالمي قانونن ۽ عالمي معاهدن جي احترام کي لازمي قرار ڏنو. وزيراعظم گڏيل قومن جي ٽن بنيادي ٿنڀن، يعني امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن ۾ متوازن اڳڀرائي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن خاص طور تي عالمي ترقياتي ايجنڊا تي مؤثر عملدرآمد ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي ريبيڪا گرينسپين گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڊگهي ۽ قيمتي ڪردار کي ساراهيو ۽ علائقائي امن کي فروغ لاءِ پاڪستان جي لاڀائتين ڪوششن جي پڻ واکاڻ ڪئي.