وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ميڪي سال جي ملاقات، گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي گهڻ رُخي تعاون جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي گڏيل قومن جي عالمي معاملن ۾ مرڪزي ڪردار جي لاءِ مضبوط ۽ مُسلسل حمايت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي ايندڙ نئين قيادت اداري جي ٽن بنيادي ٿنڀن، عالمي امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن کي متوازن انداز ۾ اڳيان وڌائڻ  جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي گڏيل قومن جي عالمي معاملن ۾ مرڪزي ڪردار جي لاءِ مضبوط ۽ مُسلسل حمايت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي ايندڙ نئين قيادت اداري جي ٽن بنيادي ٿنڀن، عالمي امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن کي متوازن انداز ۾ اڳيان وڌائڻ  جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ميڪي سال ملاقات ۾ ڪيو. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ميڪي سال وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سندس آجيان ڪندي، گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي گهڻ رُخي تعاون جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ مُسلسل حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جي ايندڙ نئين قيادت اداري جي ٽن بنيادي ٿنڀن، يعني عالمي امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن کي متوازن انداز ۾ اڳيان وڌائڻ  جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي انهن جي رُوح مُوجب عمل ڪرڻ ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ عالمي قانون ۽ معاهدن جي احترام جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل عزم کي ورجايو. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار ميڪي سال گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي پُراڻي ۽ قيمتي خدمتن کي ساراهيندي عالمي امن جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن ۾ پاڪستان جي قيادت جي لاڀائتي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.