اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، علائقي ۾ انفراسٽرڪچر، مواصلات، توانائي، تعليم، صحت، سياحت ۽ روزگار جي موقعن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اُتان جي قدرتي وسيلن، سياحتي ماڳن ۽ معدني ذخيرن کي استعمال ڪندي مقامي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، گلگت بلتستان کي ترقي، خوشحالي …
گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، علائقي ۾ انفراسٽرڪچر، مواصلات، توانائي، تعليم، صحت، سياحت ۽ روزگار جي موقعن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اُتان جي قدرتي وسيلن، سياحتي ماڳن ۽ معدني ذخيرن کي استعمال ڪندي مقامي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، گلگت بلتستان کي ترقي، خوشحالي ۽ پائيدار استحڪام جي نئين بلندين تائين پهچائينداسين. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ گلگت بلتستان اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو، جن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن جو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي عوام سدائين پاڪستان سان پنهنجي محبت، وفاداري ۽ قومي اتحاد جو عملي ثبوت ڏنو، توهان عوام جا چونڊيل نمائندا آهيو، توهان جي ذريعي عوام جي اميدن، مسئلن ۽ ترجيحن بابت سڌي طرح آگاهي ملي ٿي، اسان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي، اسان جو مقصد صرف ۽ صرف عوام جي خدمت ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيُون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي تعمير ۽ ترقي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، علائقي ۾ انفراسٽرڪچر، مواصلات، توانائي، تعليم، صحت، سياحت ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، علائقي جي قدرتي وسيلن، سياحتي ماڳن ۽ معدني ذخيرن کي استعمال ڪندي مقامي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، نوجوانن کي معياري تعليم، جديد فني تربيت ۽ باعزت روزگار جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي ته جيئن هُو قومي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ چار دانش اسڪول تعمير جي آخري مرحلن ۾ آهن ۽ ايندڙ سال کان انهن ۾ ڪلاسز شروع ٿي ويندا، ان کانسواءِ شمسي توانائي مان 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. گلگت بلتستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ گلاف جي حوالي سان اڳواٽ اطلاع وارو نظام پڻ هنيو ويو آهي ته جيئن مقامي ماڻهن کي بروقت اطلاع ڏيئي سگهجي ۽ موسمي حالتن جي صورتحال جو مقابلو ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته عوام کي درپيش مسئلن جي حل، بهتر حڪمراني ۽ شفافيت جي فروغ لاءِ وفاقي ۽ مقامي قيادت جي وچ ۾ موثر رابطو ضروري آهي. هُن ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جون تجويزون ۽ سفارشون اسان لاءِ اهم آهن، گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ اسان گڏجي ڪم ڪنداسين، سمُورا ميمبر اسيمبلي ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان، اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان، گلگت بلتستان کي ترقي، خوشحالي ۽ پائيدار استحڪام جي نئين بلندين تائين پهچائينداسين. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي، جيڪا انهن اسيمبلي ميمبرن پاران ڏنل قابل عمل تجويزن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن جو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله شامل آهن.











