اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن جي سفارشن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ بابت ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري نظام کي وڌيڪ موثر ۽ جديد بڻائڻ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن جي سفارشن کي آخري شڪل ڏني وئي
اسلام آباد۔ 10 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن جي سفارشن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ بابت ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري نظام کي وڌيڪ موثر ۽ جديد بڻائڻ لاءِ سڌارن وارين تجويزن جو جائزو ورتو ويو. جمعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ پنج ذيلي ورڪنگ گروپس پاران پيش ڪيل سفارشن تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ انهن کي آخري شڪل ڏني وئي. انهن تجويزن ۾ وفاقي سيڪريٽريٽ جي نئين سر جوڙجڪ، اي-آفيس کي جديد فيصلا سازي جي نظام ۾ تبديل ڪرڻ، ايم ايس ونگ ۾ سُڌارن، ڪارڪردگي جي جائزي جي رپورٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ سڀني حُڪومتي ادارن جي وچ ۾ هڪ جامع حڪمت عملي کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. ڪميٽي جُون منظور ڪيل سفارشون وڌيڪ غور ۽ منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون. اجلاس ۾ پيٽروليم ۽ آئي ٽي ۽ ٽيليڪام جي وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، ڪابينا، اسٽيبلشمينٽ، اقتصادي معاملن ۽ ٽيليڪام جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.











