پاڪ بحريه جي پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي سهڪار سان وقت سر ڪارروائي، اورماڙه جي اوڀر ۾ ٻُڏندڙ ڪارگو ڌاؤ مان 20 پاڪستاني عملي جي ميمبرن کي حفاظت سان بچائي ورتو

راولپنڊي-09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ بحريه پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي سهڪار سان وقت سر ۽ مربوط هنگامي ڪارروائي ڪندي اورماڙه جي اوڀر ۾ ٻُڏندڙ ڪارگو ڌاؤ مان 20 پاڪستاني عملي جي ميمبرن کي حفاظت سان بچائي ورتو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب ڪارگو ڌاؤ ۾ شديد پاڻي ڀرجڻ سبب ان جي ٻُڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو هو. جوائنٽ ميري …

راولپنڊي-09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ بحريه پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي سهڪار سان وقت سر ۽ مربوط هنگامي ڪارروائي ڪندي اورماڙه جي اوڀر ۾ ٻُڏندڙ ڪارگو ڌاؤ مان 20 پاڪستاني عملي جي ميمبرن کي حفاظت سان بچائي ورتو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب ڪارگو ڌاؤ ۾ شديد پاڻي ڀرجڻ سبب ان جي ٻُڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو هو. جوائنٽ ميري ٽائم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر کي وصول ٿيندڙ امدادي ڪال جي فوري بعد پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس حنين ۽ ضروري فضائي وسيلن کي امدادي ڪارروائيءَ لاءِ روانو ڪيو ويو. ريسڪيو ٽيمن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ فوري ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ سمورن 20 ماڻهن کي حفاظت سان ٻُڏندڙ جهاز مان ڪڍي ورتو. ريسڪيو ڪيل سمورن ماڻهن کي ضروري طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. اها ڪاميابي آپريشن پاڪ بحريه ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي ان پُختي عزم جو مظهر آهي ته هو سمنڊ ۾ انساني جانين جي تحفظ کي يقين بنائڻ ۽ هر وقت سامونڊي هنگامي صورتحال سان مؤثر انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهن.

مزید خبریں