پاڪستان جي دشمنن پاران ملڪ جي مثبت سفر، ترقي ۽ خوشحالي کي روڪڻ جي ڪوششن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

ڪوئيٽا - 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن کي پاڪستان جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي دشمنن پاران ملڪ جي مثبت سفر، ترقي ۽ خوشحالي کي روڪڻ جي ڪوششن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، بلوچستان جي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين دهشتگرد نيٽ ورڪس جو خاتمو آڻينداسين. …

ڪوئيٽا – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن کي پاڪستان جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي دشمنن پاران ملڪ جي مثبت سفر، ترقي ۽ خوشحالي کي روڪڻ جي ڪوششن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، بلوچستان جي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين دهشتگرد نيٽ ورڪس جو خاتمو آڻينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار خميس ڏينهن بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري، هلال جرئت)، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ خاص طور تي تازي دهشتگردي جي واقعن، جاري انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۽ صوبي جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم فرض جي راهه ۾ عظيم قرباني پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بلوچستان جي عوام سان پوري قوم جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بلوچستان ۾ امن پاڪستان جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي دشمنن پاران ملڪ جي مثبت سفر، ترقي ۽ خوشحالي کي روڪڻ جي ڪوششن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. تازي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ناسور جي خلاف وڙهندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ عزم جو اعتراف ڪيو. هن بلوچستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف “زيرو ٽالرنس” جي پاليسي تي زور ڏنو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان صوبي جي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين دهشتگرد نيٽ ورڪس جو خاتمو آڻي ڇڏيندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان ويجهي هم آهنگي جي ذريعي دهشتگردي جي خاتمي، رياست جي رِٽ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندي ته جيئن بلوچستان عوام امن، ترقي ۽ موقعن سان ڀرپور مستقبل طرف گامزن ٿي سگهي.

مزید خبریں