پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ “گڏيل واپاري معاهدي” بابت ڳالهه ٻولهه واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ “گڏيل واپاري معاهدي” بابت ڳالهه ٻولهه واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، گڏيل واپار ۾ سهولتڪاري ۽ ٻطرفي اقتصادي …

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ “گڏيل واپاري معاهدي” بابت ڳالهه ٻولهه واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، گڏيل واپار ۾ سهولتڪاري ۽ ٻطرفي اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ آهي ۽ موجوده واپار ۾ اضافي جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستاني وفد جي قيادت واپار وارو سيڪريٽري جواد پال ڪري رهيو آهي جڏهن ته وفد ۾ طاهر حسين اندرابي ايڊيشنل سيڪريٽري اي سي ڊي آءِ ايس، نديم چوڌري (سيڪريٽري او پي ايڇ آر ڊي) ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ٽيرف پاليسي اشفاق خان شامل آهن. لاڳاپيل وزارتن جا نمائندا ورچوئل  آن لائين پليٽ فارم جي ذريعي ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ آهن.

مزید خبریں