پاڪستان ۽ روس ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ تعاون جا وڏا موقعا موجود آهن، لاڳاپن کي گهڻ رُخي حصيداريءَ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ تعاون جا وڏا موقعا موجود آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي واپار، توانائي، سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل گهڻ رُخي حصيداريءَ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ بارٽر ٽريڊ جو فريم ورڪ واپاري تعاون ۾ اهم اڳڀرائي آهي، واپاري راهدارين …

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ تعاون جا وڏا موقعا موجود آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي واپار، توانائي، سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل گهڻ رُخي حصيداريءَ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ بارٽر ٽريڊ جو فريم ورڪ واپاري تعاون ۾ اهم اڳڀرائي آهي، واپاري راهدارين لاجسٽڪس ۽ مضبوط سپلاءِ چينز سان علائقائي واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن جو بنيادي ٿنڀ توانائي آهي. پاڪ- روس لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ پُراڻي تعاون تي ٻَڌل آهن. خميس ڏينهن يونيورسٽي آف ورلڊ سولائزيشنز ماسڪو (يو ڊبليو سي ايم) ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز (آءِ آر ايس) اسلام آباد جي انتظام هيٺ پاڪستان- روس واپار، تعليم ۽ توانائي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عنوان سان رٿيل ويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ روس جا ناتا گڏيل اعتماد، احترام ۽ علائقائي استحڪام جي گڏيل عزم جي بنياد تي هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌيا آهن، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ رابطا ڪاري جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، مضبوط اقتصادي تعاون ۽ بهتر ٽرانسپورٽ رابطن ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو واپار ايندڙ سالن ۾ بلين ڊالرن کان وڌي وڃڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جا ناتا هاڻ جاگرافيائي سياسي عملن کان مٿانهون ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۽ روس گڏيل قومن ۽ عالمي قانون کي امن، سلامتي ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي اهميت ڏين ٿا. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته رويشيائي رابطا ڪاري اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ نمايان موقعا فراهم ڪري ٿي. هن وچ ايشيا ذريعي تاريخي زميني رستن ۽ انٽرنيشنل نارٿ- سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي بحاليءَ کي پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته مالي سال 2025ع دوران پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفو واپار ڳاڻيٽو 243.412 ملين ڊالر رهيو جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي. مالي سال 2024ع ۾ واپار هڪ بلين ڊالرن کان وڌي ويو هو جڏهن ته بعد ۾ ادائگيءَ جي نظام، بئنڪاري ذريعن، مالياتي انتظامن ۽ شپنگ لاجسٽڪس بابت چئلينجن سبب ان ۾ گهٽتائي آئي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ 2030ع تائين اقتصادي تعاون جو پروگرام ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ڪاروباري موقعن ۾ واڌ جو ذريعو بڻجندو. علائقائي رابطا ڪاري جي رٿائن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان بيلاروس، روس، قازقستان، ازبڪستان، افغانستان- پاڪستان ملٽي ماڊل ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بابت مفاهمتي يادداشت ۽ جون 2024ع ۾ روس سان ريلوي تعاون جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته ريل لنڪ جي قيام سان ٻه طرفي واپار ۾ نمايان واڌ ٿيندي ۽ ڪوئيٽه- تفتان ريلوي لائن جي اپ گريڊيشن جي راهه پڻ هموار ٿيندي. هن چيو ته هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامون موجود ناهن جڏهن ته ٻئي ملڪ جلد ان جي بحاليءَ جي امڪانن تي غور ڪري رهيا آهن، اسان جون فضائي ڪمپنيون خاص ڪري ڪارگو اُڏامن لاءِ ڪوڊ شيئرنگ ۽ ٽرانزٽ روٽس جي انتظامن جو جائزو وٺي سگهي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته توانائي پيدا ڪندڙ وڏي عالمي ملڪ جي حيثيت سان روس پاڪستان لاءِ تعاون جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. هن ٻُڌايو ته روسي توانائي ڪمپني زاروبز نيفٽ فيبروري 2025ع ۾ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته آگسٽ 2025ع کان پاڪستان ۾ ان جي آپريشنل موجودگي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. هن گيس جي شعبي، ايل اين جي جي فراهمي ۽ مربوط گيس منصوبن ۾ پاڪستاني حصيدارن سان تعاون لاءِ نوواٽيڪ جي دلچسپيءَ جي به آجيان ڪئي، جڏهن ته روس هائيڊرو گروپ طرفن پاڪستان انجنيئرنگ حصيدار بڻجڻ جي دلچسپيءَ کي به هاڪاري قرار ڏنو. سردار اويس احمد خان لغاري پاڪستان اسٽيل ملز جي بحاليءَ کي پاڪستان ۽ روس جي تاريخي حصيداريءَ جو هڪ نمايان منصوبو قرار ڏيندي چيو ته ان جي ڪامياب تڪميل ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي دوستي ۽ اقتصادي تعاون جي علامت هوندي. تعليمي تعاون جي حوالي سان هن چيو ته هن وقت اٽڪل 1087 پاڪستاني شاگرد روس جي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. هن پاڪستاني شاگردن لاءِ روسي اسڪالرشپ پروگرامن کي ساراهيندي خاص ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعليمي موقعا وڌائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ري ايڊميشن معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪندي ان کي عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ڪاروباري شخصيتن شاگردن ۽ سياحن لاءِ ويزا نظام کي وڌيڪ سولو بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته ويبينار سان پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ رابطا ڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي وڌندڙ امڪانن جي توثيق ٿي آهي ۽ کيس يقين آهي ته مسلسل رابطا ۽ ڳالهيون سان هي تعاون عملي نتيجن جي صورت ۾ سامهون ايندو.

مزید خبریں