پاڪستان ۽ ڪروشيا پاران سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ رفتار پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي اتفاق: نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي ڪروشيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين سان گڏيل پريس ڪانفرنس

اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪروشيا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ رفتار پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا، ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي ۽ ويزا سهولت سميت گڏيل دلچسپي جي وسيع شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اهو اتفاق راءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر …

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪروشيا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ رفتار پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا، ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي ۽ ويزا سهولت سميت گڏيل دلچسپي جي وسيع شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اهو اتفاق راءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين جي وچ ۾ هتي وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٿيو. گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ڪروشيا لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، ترقي، زراعت، افرادي قوت جي موبيلٽي، ويزا سهولت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، بنيادي ڍانچي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بندرگاهن جي تعاون سميت سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائيندا. هي ڪروشيا جي ڪنهن پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ٻطرفو واپار اڃا پنهنجي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي جڏهن ته واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جو رجحان آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن اقتصادي لاڳاپن کي ٻيهر فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن ۾ گڏيل مفاد جي لاءِ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ به شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن ۽ ڪاروباري برادرين کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ مستقبل ۾ بزنس ٽو بزنس واپاري فورم منعقد ڪرڻ جي منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم چيو ته ڌرين ٻطرفي سياسي مشاورت بابت مفاهمت جي يادداشت کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ان مشاورت جو پهريون دور هلندڙ سال يا 2027ع جي شروع ۾ منعقد ڪري سگهجي ٿو. ٻنهي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ڪروشيا جي ويزا پراسيسنگ مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن وقت پاڪستاني درخواستگذارن کي ويزا پراسيسنگ جي لاءِ ايران وڃڻو پوي ٿو. ڪروشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته ڪروشيا عوامي رابطن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ چاهي ٿو ته پاڪستاني شهري پاڪستان ۾ ئي ويزا درخواستون جمع ڪرائي سگهن ته جيئن انهن کي ٻاهرئين ملڪ سفر نه ڪرڻو پوي. هن چيو ته ڪروشيا جلد اها سهولت قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. نائب وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۽ غيرقانوني چرپر جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته محفوظ، منظم ۽ قانوني طريقيڪار جي ذريعي موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي حقن ۽ زندگين جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ اسمگلنگ جي غيرقانوني نيٽ ورڪس جو خاتمو ٿئي. هن ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ جو ذڪر ڪندي ڪروشين وفد کي ڪراچي بندرگاهه جي صلاحيت، سهولتن ۽ رابطاڪاري بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي بندرگاهن جي وچ ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران نائب وزيراعظم ڪروشين وفد کي پراڻي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير ۽ غزه ۾ جاري صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ تجويز ڏني ته نيويارڪ ۾ ايندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ امن ڪوششن کي ٻيهر فعال ڪيو وڃي. هن سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جي ڀارتي قدم تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ دوست ملڪن کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي عمل جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن ڪروشين وفد کي افغانستان مان سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس جن ۾ ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي شامل آهن کان درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان پڻ آگاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته افغان طالبان حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين تي عمل ڪري ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ، خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي قانون موجب تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي جي ايس پي پلس اسڪيم پاڪستان – يورپي يونين اقتصادي تعاون جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. هن چيو ته جيئن ته نئون جي ايس پي پلس ضابطو پهرين جنوري 2027ع کان لاڳو ٿيڻ وارو آهي، پاڪستان 2027ع جي شروع ۾ ٻيهر درخواست ڏيڻ جي لاءِ تياري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪروشين پرڏيهي وزير چيو ته جي ايس پي پلس پاڪستان جي عالمي معيشت ۾ انضمام جي لاءِ هڪ محرڪ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن پاڪستاني ڪمپنين کي ڪروشيا ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته بهترين جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري ڪروشيا هڪ توانائي مرڪز بڻجي چڪو آهي ۽ يورپي منڊي جي لاءِ هڪ کليل دروازو آهي. هن پاڪستان ۾ ڪروشين ڪمپنين جي ڊگهي موجودگي جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته دواسازي، صحت، آءِ ٽي ۽ سياحت جي شعبن ۾ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ توسيع ٿيندي. هن چيو ته 9 اسٽريٽجڪ هوائي اڏن ۽ 6 وڏين سامونڊي بندرگاهن سان ڪروشيا عالمي سفر ۽ واپار جي لاءِ هڪ گيٽ وي پڻ بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته وچ يورپ سان ڪروشيا جا ريلوي رابطا مضبوط چرپر، توانائي ۽ ڊيجيٽل رابطي جي نيٽ ورڪس کي فروغ ڏين ٿا. ٻنهي ملڪن اهم عالمي معاملن تي مضبوط هم آهنگي جو اظهار ڪندي گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪروشين پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار جي آجيان ڪئي ۽ تازي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان خاص طور تي پاڪستان جي انهن سفارتي ڪوششن کي ساراهيون ٿا جن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار جي خاتمي جي لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت سامهون آئي. اسلام آباد کي “امن ۽ سفارتڪاري جو شهر” قرار ڏيندي ڪروشين پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورو ادا ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ تعاون جا نوان رستا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڪروشين پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ايندڙ سال جون جي پڄاڻي تي ڪروشيا ۾ منعقد ٿيندڙ ڊوبروونڪ فورم ۾ شرڪت جي سرڪاري دعوت پڻ ڏني.

مزید خبریں