ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت مڪمل يڪجهتي سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

ڪوئيٽا - 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت مڪمل يڪجهتي سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، آخري فسادي دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، حڪومت سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندي، دشمن پاڪستان …

ڪوئيٽا – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت مڪمل يڪجهتي سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، آخري فسادي دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، حڪومت سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندي، دشمن پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين ۽ گذريل سال معرڪه حق ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان ڊنل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪوئيٽا ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، اطلاعات  ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل چئن ڏينهن دوران بلوچستان ۾ انتهائي افسوسناڪ دهشتگردي جا واقعا پيش آيا، جن ۾ پوليس اهلڪار، سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ بيگناهه شهري شهيد ٿيا. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز موثر ڪارروايون ڪندي 54 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين آخري فسادي دهشتگرد جو خاتمو نٿو ٿي وڃي. شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس قوم دهشتگردي جي خلاف بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ يقين رکي ٿي ته انهن قربانين جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿيندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگردي جي ان فتني ۾ پاڪستان جي اوڀر پاڙيسري ملڪ جو ڀرپور ڪردار آهي، جيڪو دهشتگردن کي هٿيار، مالي معاونت ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندي دهشتگرد خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ حملا ڪن ٿا، جڏهن ته رياست انهن عنصرن جي ڪڌي ارادن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻائيندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت مڪمل يڪجهتي سان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پُرعزم آهي، دشمن پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين ۽ گذريل سال معرڪه حق ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان ڊنل آهي، انهي لاءِ هو مختلف ذريعن سان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت متحد آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندا ته جيئن ملڪ کي امن، استحڪام ۽ ترقي جو گهوارو بڻائي سگهجي. وزيراعظم دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته الله تعالى شهيدن جا درجا بلند ۽ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي، انهن جي پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتياب ڪري. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون پر اهي ئي قربانيون پاڪستان ۾ پائيدار امن جو بنياد بڻجنديون.