اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (ايف اي سي) جي ميمبر فوزيه شاهد جي گهرواري ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت …
ڪامريڊ شاهد عثماني پنهنجي زندگي اصولن، جمهوري قدرن ۽ عوامي حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ گذاري: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (ايف اي سي) جي ميمبر فوزيه شاهد جي گهرواري ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. مرحوم شاهد عثماني پنهنجي زندگي اصولن، جمهوري قدرن ۽ عوامي حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ گذاري. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ فوزيه شاهد، گهرڀاتين ۽ سمورن پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو حوصلي ۽ صبر سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.











