لاهور-09 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو عالمي چئلينج آهي، جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مؤثر ماحولياتي حڪمراني، پائيدار ترقي، انصاف تي ٻَڌل شهري رٿابندي ۽ سمورن ادارن وچ ۾ مربوط تعاون اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن خميس تي سول سروسز اڪيڊمي والٽن ڪيمپس لاهور ۾ خاص مهمان طور …
موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ماحولياتي حڪمراني، پائيدار ترقي ۽ ادارن وچ ۾ مربوط تعاون اڻٽر آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
لاهور-09 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو عالمي چئلينج آهي، جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مؤثر ماحولياتي حڪمراني، پائيدار ترقي، انصاف تي ٻَڌل شهري رٿابندي ۽ سمورن ادارن وچ ۾ مربوط تعاون اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن خميس تي سول سروسز اڪيڊمي والٽن ڪيمپس لاهور ۾ خاص مهمان طور 54هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي ترتيب وٺندڙ آفيسرن سان انوائرمينٽ اينڊ ڪلائميٽ گورننس جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن جيتوڻيڪ عالمي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ ان جو حصو نهايت معمولي آهي. هن چيو ته هي هڪ تلخ حقيقت آهي ته جن ماڻهن جو موسمي بحران پيدا ڪرڻ ۾ سڀ کان گهٽ ڪردار آهي اهي انهن جي سڀ کان وڌيڪ متاثرن ۾ شامل آهن، ان لاءِ عالمي برادريءَ تي لازمي آهي ته هو موسمياتي انصاف، مالي معاونت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منصفاڻي منتقليءَ کي يقيني بڻائين ته جيئن اُسرندڙ ملڪ موسمياتي چئلينجز کي مؤثر انداز ۾ مُنهن ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪنهن به خاندان کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڏهاڪا لڳي ويندا آهن پر ٻوڏ، هيٽ ويوز ۽ ٻيون موسمياتي آفتون ڪجهه ڏينهن ۾ انهن جي پوري زندگيءَ جي ڪمائي ۽ محنت کي تباهه ڪن ٿيون ۽ اهي ٻيهر غربت جي ڌُٻڻ ۾ وڃي ڪِرندا آهن، ان لاءِ موسمياتي تبديليءَ کي صرف ماحولياتي مسئلو سمجهڻ بدران انساني ترقي، معاشي استحڪام ۽ سماجي انصاف جي روشنيءَ ۾ ڏسڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 4 وڏن ٻوڏن دوران اٽڪل 16 هزار ماڻهو فوت، 19 هزار زخمي يا معذور ٿيا، جڏهن ته اٽڪل 4 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن آفتن سان ٿيل انساني ۽ معاشي نقصان ڪيترن ئي جنگين ۽ تڪرارن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان ڪري موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي مربوط حڪمت عملي ۽ مؤثر اداره جاتي تعاون جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر مصدق چيو ته سستي ۽ محفوظ رهائش کي فلاحي منصوبو نه پر شهر جو بنيادي حق سمجهڻ گهرجي جيڪڏهن ٻوڏ سبب ٻار ڪيترن ئي مهينن تائين تعليم کان محروم رهن ٿا، اسڪول تباهه ٿين ٿا، خاندان بي گهر ٿين ٿا ۽ روزگار ختم ٿئي ٿو ته اهو صرف قدرتي آفت نه پر موسمياتي تبديلي جي گهرن اثرن سبب ٿين ٿا. هن پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کي ياد ڪندي چيو ته ان وقت صبح جي وقت فضا صاف هوندي هئي، گاهه تي ماڪ ڦڙا چمڪندا هئا، پوپٽ باغن ۾ اُڏندا هئا ۽ رات جي وقت کڙکٻيتو عام ڏسڻ ۾ ايندو هو پر گذريل 3 ڏهاڪن ۾ ماحولياتي گدلاڻ، سموگ ۽ گدلي پاڻي ۽ فضائي گدلاڻ قدرتي ماحول کي شديد متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ صاف هوا ۽ صاف پاڻي جهڙيون بنيادي نعمتون به لکين شهرين جي پهچ کان پري آهن، خوشحال طبقو ته منرل واٽر خريد ڪري سگهي ٿو پر غريب ماڻهو گدلو پاڻيءَ تي مجبور آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پائيدار ۽ ماحول دوست شهري ترقيءَ کي صرف خوبصورت، بلند عمارتن، نعرن يا سيڙپڪاريءَ تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر اهڙا شهر تعمير ڪيا وڃن جتي هر شهري خاص ڪري گهٽ آمدنيءَ وارو طبقو محفوظ، صحتمند ۽ باوقار زندگي گذاري سگهي.











