پاڪستان جي سامونڊي خوراڪ جو روانگي واپار 56 ڪروڙ 80 لک ڊالرن تائين پهچي ويو: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي مڇي ۽ مڇيءَ مان تيار ٿيل شين جو روانگي واپار 56 ڪروڙ 80 لک آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو، جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اها ڪاميابي حڪومت جي بليو اڪانومي سڌارن، سامونڊي …

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي مڇي ۽ مڇيءَ مان تيار ٿيل شين جو روانگي واپار 56 ڪروڙ 80 لک آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو، جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اها ڪاميابي حڪومت جي بليو اڪانومي سڌارن، سامونڊي خوراڪ جي روانگي واپار ۾ واڌ ۽ عالمي معيار موجب خوراڪ جي حفاظت ۽ معيار کي يقيني بنائڻ جو اظهار آهي. هن ٻُڌايو ته روانگي واپار ۾ منجمد مڇي سرفهرست رهي، جنهن سان 10 ڪروڙ 50 لک 90 هزار ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو، جڏهن ته منجمد اسڪويڊ ۽ ڪٽل فش جو روانگي واپار 10 ڪروڙ 37 لک 10 هزاار ڊالر، فش ميل 8 ڪروڙ 31 لک 20 هزار ڊالر، جهينگو 6 ڪروڙ 21 لک 40 هزار ڊالر، ڪيڪڙو 3 ڪروڙ 68 لک 90 هزار ڊالر، سارڊين 3 ڪروڙ 6  لک 20 هزار ڊالر، ميڪرل 2 ڪروڙ 26 لک 70 هزار ڊالر، فليٽ فش هڪ ڪروڙ 72 لک 40 هزار ڊالر، آڪٽوپس هڪ ڪروڙ 51 لک 80 هزار ڊالر ۽ سوريمي (قيمي نما جو گوشت) هڪ ڪروڙ 46 لک 30 هزار ڊالر رهيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سامونڊي خوراڪ جي روانگي واپار جو وڏو حصو چين، ٿائلينڊ، ملائيشيا، گڏيل عرب امارتن، جاپان، ويٽنام، سعودي عرب، ڏکڻ ڪوريا، انڊونيشيا ۽ آمريڪا وڃي ٿو.