پاڪستان برطانيه سان پنهنجي جٽادار ۽ مضبوط ڀائيواريءَ کي هر شعبي ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن کي مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان برطانيه سان پنهنجي جٽادار ۽ مضبوط ڀائيواريءَ کي هر شعبي ۾ وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن برطانيه ۾ پاڪستان جي نئين مقرر هاءِ ڪمشنر …

اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن کي مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان برطانيه سان پنهنجي جٽادار ۽ مضبوط ڀائيواريءَ کي هر شعبي ۾ وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن برطانيه ۾ پاڪستان جي نئين مقرر هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان سان ملاقات ۾ چئي، ملاقات ۾ گڏيل اقتصادي مفادن جي معاملن، پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ اقتصادي ۽ مالي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻه طرفي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير هاءِ ڪمشنر کي نيون سفارتي ذميداريون سنڀالڻ تي واڌايون ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس سفارتي تجربو ۽ پيشيوراڻيون صلاحيتون برطانيه ۾ پاڪستان جي اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي رابطن کي نئين جدت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، بئنڪاري، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي، ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي عالمي سيڙپڪارن ۽ مالياتي ادارن سان پاڪستان جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو، جڏهن ته لنڊن جي عالمي مالياتي مرڪز جي حيثيت سان اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي مالياتي وسيلن ۽ ڪيپيٽلن مارڪيٽس جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان مالي وسيلن جي ذريعن کي جدت بنائڻ، عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن تائين پاڪستان جي رسائيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي مالياتي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو. ڌُرين ڊجيٽل فنانس، بلاڪ چين تي ٻَڌل مالياتي حل، ورچوئل اثاثن ۽ ٽوڪنائزيشن جهڙن جديد مالياتي ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن کي پاڪستان جي وڏي ڊجيٽل تبديليءَ جي ايجنڊا جو اهم حصو قرار ڏنو ويو. ملاقات ۾ قرضن جي اثرائتي انتظام ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويو جنهن ۾ برطانيه جي ڊيبٽ مئنجمينٽ آفيس سان جاري سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هاءِ ڪمشنر، ناڻي واري وزير کي اداره جاتي سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ناليوارن مالياتي ادارن  جي ڀائيواريءَ سان مستقبل ۾ سيڙپڪاريءَ بابت روڊ شوز جي بندوبست جي امڪانن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن خاص ڪري پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، سيڙپڪاري ۽ واپاري سرگرمين ذريعي مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن برطانيه ۾ قائم مالياتي ادارن ۽ نجي شعبي سان مسلسل سهڪار کي ٻه طرفي اقتصادي ۽ مالياتي ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. ناڻي واري وزير معاشي استحڪام برقرار رکڻ، مالياتي نظم و ضبط کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجين صلاحيتن جي پاليسين تي ڀرپور انداز ۾ عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن شعبن ۾ ويجها رابطا برقرار رکيا وڃن ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ مالياتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان به ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجي جٽادار ڀائيواريءَ کي هر شعبي ۾ وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا گڏيل اعتماد، تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل آهن ۽ ان ۾ مستقبل ۾ وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ترقيءَ جا بي شمار امڪان موجود آهن.

مزید خبریں