عالمي چئلينجز کي اڪيلي سر مُنهن ڏيڻ ناممڪن آهي، سرحد کان مٿانهن ڏوهن جي خاتمي لاءِ فوري رابطا ۽ ٽيڪنالاجي جو سهڪار اڻٽر آهي: محسن نقوي

نيويارڪ-09 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دنيا کي هن وقت گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، اهي ڪنهن هڪ ملڪ تائين محدود ناهن پر سرحدن کان مٿانهون آهن، ڪو به ملڪ اڪيلي سر انهن خطرن کي مُنهن نٿو ڏئي سگهي. گڏيل قومن جي پوليس سربراهن جي سمٽ (يو اين سي او پي ايس) کي تاريخي ۽ اهم خطاب ڪندي هن عالمي برادري تي زور …

نيويارڪ-09 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دنيا کي هن وقت گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، اهي ڪنهن هڪ ملڪ تائين محدود ناهن پر سرحدن کان مٿانهون آهن، ڪو به ملڪ اڪيلي سر انهن خطرن کي مُنهن نٿو ڏئي سگهي. گڏيل قومن جي پوليس سربراهن جي سمٽ (يو اين سي او پي ايس) کي تاريخي ۽ اهم خطاب ڪندي هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته دهشتگردي، منظم ڏوهه ۽ سائبر ڪرائيم جي خاتمي لاءِ عالمي سهڪار، گڏيل اعتماد ۽ فوري ڄاڻ جي ڏي وٺ هاڻ پهرين کان وڌيڪ ضروري ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي نيويارڪ ۾ موجوده آفيس ۾ منعقد ٿيل ان اعليٰ سطحي فورم ۾ سڄي دنيا مان آيل وزيرن، پوليس چيفس ۽ معزز شخصيتن جي آجيان ڪندي محسن نقوي آجياڻي واري خطاب کان پوءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اڄ دنيا کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن، اهي قومي سرحدن کي نٿا مڃن. دهشتگردي، منظم ڏوهه، سائبر ڪرائيم، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ سان گڏوگڏ مني لانڊرنگ جهڙي ناسور کان دنيا جو هر ملڪ متاثر ٿي رهيو آهي، ڪوبه ملڪ انهن خطرن کان محفوظ ناهي، ان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي. گهرو وزير جديد دؤر جي گهرجن تي روشني وجهندي چيو ته ٽيڪنالاجي انتهائي تيز رفتاريءَ سان بدلجي رهي آهي ۽ ڏوهاري پيشه ڌُريون ڏوهن جي نئين ۽ جديديت استعمال ڪري رهيا آهن. اسان کي انهن جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ پاڻ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي پنهنجي پوليس آفيسرن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي عالمي معيار موجب بهتر بڻائڻ آهي. فورسز جي تربيت جي نظام کي مضبوط ڪري ان جي جدت جو وڌ کان وڌ استعمال يقيني بنائڻو پوندو. محسن نقوي سمٽ ۾ موجود عالمي اڳواڻن جي تجربي کي ساراهيندي چيو ته هن سيشن ۾ سڄي دنيا جا تجربيڪار ۽ ناليوارا سيڪيورٽي ماهر گڏ آهن. ان ڪري اسان کي هڪ ٻئي جي خيالن ۽ ڪاميابين مان سکڻ گهرجي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ نوان رستا تلاش ڪرڻ گهرجن. گهرو وزير اهڙو موقعو فراهم ڪرڻ تي گڏيل قومن جي پوليس ايڊوائيزر فيصل شاڪر جو ٿورو ادا ڪيو جنهن عيوض عالمي هم منصبن ۽ دوستن کي هڪٻئي سان ملڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته گڏيل قومون اسان کي هڪ اهڙو منفرد پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو جيڪو اسان کي پنهنجي ملڪن کي محفوظ بنائڻ جي گڏيل مقصد تحت گڏ ڪري ٿو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اها سمٽ پنهنجي ماڻهن جي حفاظت ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام کي مضبوط بنائڻ جي حوالي سان انتهائي خاص ۽ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿي.

مزید خبریں