وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان جمهوريه ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن بابت وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين جي ملاقات

اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان جمهوريه ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن بابت وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر ڪروشيا جي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ڪروشيا جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو ٻطرفي لاڳاپن ۾ …

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان جمهوريه ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن بابت وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر ڪروشيا جي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ڪروشيا جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪروشيا سان گڏيل احترام ۽ خيرسگالي تي ٻڌل پراڻي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي دورو ٻطرفي تعاون کي نئين تحريڪ فراهم ڪندو. وقتي صدر گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ڪروشيا جي نمايان ترقي کي ساراهيندي يورپي يونين ۽ نيٽو جي ميمبر جي حيثيت سان يورپ ۽ ان کان ٻاهر ان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڪروشيا سان ٻطرفي سطح ۽ يورپي يونين سان پاڪستان جي حصيداري جي وسيع تر دائره ڪار ۾ پنهنجي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ ڪروشيا جي وچ ۾ ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو اڳ قائم ٿيندڙ سفارتي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وقتي صدر ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ باقاعده اعلى سطح جي رابطن ۽ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان – ڪروشيا پارلياماني فرينڊشپ گروپس قائم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪئي. هن جمهوريه ڪروشيا جي صدر زوران ميلانووچ کي پڻ گڏيل طور تي موزون تاريخن تي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي معيشتن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي. هن پاڪستان ۾ ڪروشين ڪمپنين جي وڌندڙ موجودگي جي آجيان ڪئي جن ۾ انفوبِپ جي ناليواري پاڪستاني ڪاروباري ادارن سان حصيداري ۽ ڪونچار جو چشمو هائيڊرو پاور منصوبي ۾ ڪردار شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي قدم پاڪستان ۾ وڌيڪ ڪروشين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪندا. پاڪستان جي سازگار سيڙپڪاري ماحول کي اجاگر ڪندي وقتي صدر ڪروشين ڪاروباري ادارن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ مهمان نوازي، شهري ترقي ۽ پاڻي ۽ ڪچري جي انتظام جي شعبن ۾ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار پيش ڪري ٿي. وقتي صدر هنرمند پاڪستاني پيشيور ماڻهن جي اچ وڃ کي آسان بڻائڻ خاص طور تي تعميرات، ٽرانسپورٽ ۽ مهمان نوازي جي شعبن جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني افرادي قوت وچ اوڀر، يورپ ۽ اتر  آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ترقي ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ان شعبي ۾ ويجهو تعاون ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. علائقائي رابطن جي حوالي سان سيد يوسف رضا گيلاني يورپي منڊين سان واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي بندرگاهه ۽ ڪروشيا جي بندرگاهن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي تجويز ڏني. هن تعليم، راندين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن پاڪستان جي تيزي سان ترقي ڪندڙ آءِ ٽي شعبي جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪروشيا پاڪستان جي هنرمند ۽ چٽاڀيٽي ڊيجيٽل افرادي قوت مان فائدو کڻندو. ڪروشيا جي پرڏيهي وزير وقتي صدر پاران پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪروشيا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته بهتر سياسي ڳالهه ٻولهه، پارلياماني مٽاسٽا ۽ اقتصادي تعاون ٻنهي ملڪن جي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪندا. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان – ڪروشيا لاڳاپن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ باقاعده اعلى سطح جو رابطو برقرار رکڻ ۽ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ شريڪ هئا.

مزید خبریں