وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران سي پيڪ علائقائي رابطن ۽ معاشي ترقي جو اهم محرڪ قرار

اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي علائقائي رابطن ۽ معاشي ترقي جو اهم محرڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ  ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، صاف توانائي ۽ پارلياماني رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن پاڪستان چائنا اڪنامڪ اينڊ …

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي علائقائي رابطن ۽ معاشي ترقي جو اهم محرڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ  ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، صاف توانائي ۽ پارلياماني رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن پاڪستان چائنا اڪنامڪ اينڊ ڪلچرل ڪائونسل جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪو چين جي ڪميونسٽي پارٽي قائم ٿيڻ جي 105هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ڪيو ويو هو. سيمينار ۾ ملڪ جي اهم سياسي شخصيتن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، پاليسي ماهرن ۽ چين جي سفير سميت سفارتخاني جي نمائندن شرڪت ڪئي. مقررين چين جي صدر شي جن پنگ جي پارٽي جي تعمير بابت نظريي جي عالمي اهميت ۽ پراڻي پاڪ چين حصيداري تي خيالن جو اظهار ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي وقتي صدر چيو ته پاڪ – چين تعاون دفاع، واپار، بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن تائين پکڙجي چڪو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي قيادت ۾ چين جي شاندار ترقي مضبوط ادارن، ڊگهي مدي واري منصوبابندي ۽ موثر طرز حڪمراني جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي دوران غيرمعمولي اداراجاتي مضبوطي جو مظاهرو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ چين بي مثال معآسي تبديلي حاصل ڪئي ۽ ان ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. هن چيو ته اهي ڪاميابيون عالمي ترقي ۾ نمايان ڪردار رکندڙ آهن. وقتي صدر چيو ته شي جن پنگ جو پارٽي جي تعمير بابت نظريو خود احتسابي، اندروني جوابدهي ۽ بدعنواني جي خلاف مضبوط موقف تي زور ڏي ٿو. هن چيو ته اهي اصول خاص طور تي گلوبل سان گڏ سياسي پارٽين ۽ ادارن جي لاءِ ڪارائتي رهنمائي فراهم ڪن ٿا. وقتي صدر چيو ته پائيدار ادارن کي عوام آڏو جوابده رهڻ گهرجي، مسلسل پنهنجي تجديد ڪندو رهڻ گهرجي ۽ سياسي استحڪام کي اهڙي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي جنهن سان عام شهري فائدو کڻي. پاڪ – چين پراڻي دوستي جو ورجاءُ ڪندي وقتي صدر ان تعلق کي گڏيل اعتماد، گڏيل مفادن ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل مضبوط ڀائيچارو قرار ڏنو. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، چيئرمين مائوزي تنگ ۽ وزيراعظم چواين لائي جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪ – چين تعاون دفاع، واپار، بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن تائين پکڙجي چڪو آهي. هن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي علائقائي رابطن ۽ معاشي ترقي جو هڪ اهم محرڪ قرار ڏنو ۽ قدرتي آفتن سميت ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا دوران پاڪستان جي لاءِ چين جي مستقل حمايت کي ساراهيو. وقتي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، صاف توانائي ۽ پارلياماني رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن سيمينار منعقد ڪرڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام پاران ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ چين جي عوام کي پارٽي قائم ٿيڻ جي 105هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏني. سيمينار کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان ۽ چين جو گڏيل تعلق ٻن حڪومتن جي وچ ۾ نه آهي پر عوام جو رشتو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. گورنر چيو ته چين جي عظيم معاشي ڪاميابي جي سفر مان سکڻ جي ضرورت آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو ته هي تقريب پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي دوستي جي عڪاس آهي. هن چيو ته چين اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته رڳو طاقت جي استعمال تي دارومدار ڪرڻ بدران ترقي ۽ خوشحالي جي ذريعي دهشتگردي جو موثر طريقي سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چين جي تجربي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پائيدار اقتصادي ترقي، زندگي جي معيار ۾ بهتري ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري ترقي انتهاپسندي جي بنيادي سببن جي خاتمي ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ چيو ته گذريل 105 سالن دوران ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جون شاندار ڪاميابيون ترقي، جديديت ۽ عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ان جي عزم جون عڪاس آهن. چيني سفير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ قومي ترقي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن مختلف شعبن خاص طور تي چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت پاڪستان سان ويجهو تعاون ڪرڻ ۽ هر موسم ۾ اسٽريٽيجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. علائقائي صورتحال جو ذڪر ڪندي سفير سفارتي ڪوششن ۾ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي کان پاسو ڪرڻ ۽ جنگبندي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته چين سدائين پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪردار جي حمايت ڪئي آهي. پاڪستان – چائنا اڪنامڪ اينڊ ڪلچرل ڪائونسل جي صدر بايزيد برهان الله ڪانسي پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو. سيمينار ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي تاريخ ۽ ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.

مزید خبریں