اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن جي وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين ۽ ڪروشيا جي وفد خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ان موقعي تي، ٻنهي ڌرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، هُنرمند ماڻهن جي منتقلي، ويزا سهولت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انفراسٽرڪچر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن جي وزير جي وفد سميت ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن جي وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين ۽ ڪروشيا جي وفد خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ان موقعي تي، ٻنهي ڌرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، هُنرمند ماڻهن جي منتقلي، ويزا سهولت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انفراسٽرڪچر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن پاڪستان ۽ يورپي يونين تعاون جي مختلف رخن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پائيدار ترقي، علائقائي استحڪام ۽ عالمي اقتصادي انضمام ۾ رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي، ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪروشيا جي بندرگاهن جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن ۽ موقعن تي به خيالن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن هلندڙ سال يا 2027ع جي شروعات ۾ ٻطرفي سياسي مُشاورت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. ان کان اڳ، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن جي وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ ريڊمين ۽ ڪروشيا جي وفد جو پرڏيهي معاملن جي وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو.











