اسلام آباد - 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ محترمه فاطمه جناح جي اڻٿڪ جدوجهد، قائداعظم محمد علي جناح جي رفاقت ۾ سندس ثابت قدمي ۽ تحريڪ پاڪستان دوران سندس اڻٿڪ خدمتون اسان جي قومي تاريخ جو سدائين حصو رهنديون، محترمه فاطمه جناح اسان جي تاريخ جي فيصلائتي دور ۾ عزم ۽ استقلال جي هڪ مضبوط علامت بڻجي سامهون …
صدر آصف علي زرداري پاران محترمه فاطمه جناح کي 59هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ محترمه فاطمه جناح جي اڻٿڪ جدوجهد، قائداعظم محمد علي جناح جي رفاقت ۾ سندس ثابت قدمي ۽ تحريڪ پاڪستان دوران سندس اڻٿڪ خدمتون اسان جي قومي تاريخ جو سدائين حصو رهنديون، محترمه فاطمه جناح اسان جي تاريخ جي فيصلائتي دور ۾ عزم ۽ استقلال جي هڪ مضبوط علامت بڻجي سامهون آئي. محترمه فاطمه جناح جي 59هين ورسيءَ جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ پوري قوم پاڪستان جي عظيم، بهادر، صاحب بصيرت ۽ مخلص ڌيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي، ملڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ سندس اڻٿڪ جدوجهد، قائداعظم محمد علي جناح جي رفاقت ۾ سندس ثابت قدمي ۽ تحريڪ پاڪستان دوران سندس اڻٿڪ خدمتون اسان جي قومي تاريخ جو سدائين حصو رهنديون. صدر چيو ته محترمه فاطمه جناح اسان جي تاريخ جي فيصلائتي دور ۾ عزم ۽ استقلال جي هڪ مضبوط علامت بڻجي سامهون آئي. هن ان دور جي سماجي رڪاوٽن جي باوجود سڄي ننڍي کنڊ جي عورتن کي متحرڪ ڪيو ۽ انهن کي آزادي جي تحريڪ جي هڪ موثر قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به هوءَ لکين پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ شامل رهي. سندس بي مثال همدرديءَ، عملي قيادت ۽ ثابت قدمي شديد مصيبتن ۾ ورتل بي شمار خاندانن کي نئين اميد، حوصلو ۽ باوقار زندگي جي راهه ڏيکاري. آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جي فروغ جي لاءِ سندس وابستگي ۽ آمريت جي خلاف سندس بي خوف آواز، اڄ به پاڪستاني عوام جي رهنمائي ۽ حوصلي افزائي جو ذريعو آهي. صدر چيو ته محترمه فاطمه جناح جي ميراث اسان کي اهو لازوال سبق ڏي ٿي ته ڪنهن به قوم جي حقيقي طاقت ان جي عوام جي اخلاقي حوصلي ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي اصولن جي اڻٿڪ وابستگي ۾ لڪل هوندو آهي. اڄ اسان ان جي ياد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته اسان انهن جمهوري قدرن ۽ اصولن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين جن کي هن پوري سگهه سان اختيار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى محترمه فاطمه جناح جا درجا بلند فرمائي ۽ اسان کي سندس شجاعت، ديانت، حوصلي، ايثار ۽ عوامي خدمت واري جذبي جي اعلى نموني جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.











