اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پوليو اوورسائيٽ بورڊ (پي او بي) جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد ۾ پوليو اوورسائيٽ بورڊ جو چيئرمين ۽ روٽري انٽرنيشنل جو نمائندو مائيڪ ميڪ گورن، گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل ڊيولپمينٽ جو صدر ڊاڪٽر ڪرس ايلياس، گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پوليو اوورسائيٽ بورڊ (پي او بي) جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پوليو اوورسائيٽ بورڊ (پي او بي) جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد ۾ پوليو اوورسائيٽ بورڊ جو چيئرمين ۽ روٽري انٽرنيشنل جو نمائندو مائيڪ ميڪ گورن، گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل ڊيولپمينٽ جو صدر ڊاڪٽر ڪرس ايلياس، گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، يونيسيف ايشيا جو علائقائي ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪرا، ڪنگ سلمان هيومينٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر جو سينيئر صلاحڪار ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ آمريڪا جي مرضن جي ڪنٽرول ۽ خاتمي بابت اداري جي گلوبل اميونائيزيشن ڊويزن جو ٽيم ليڊر ڊاڪٽر اوموتايو بولا شامل هئا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ وفد جي مستقل ۽ ڀرپور حمايت کي ساراهيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت مضبوط سياسي عزم ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي تعاون جي ذريعي ملڪ کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. وفد خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي فعال ۽ موثر سفارتڪاري کي ساراهيو ۽ عالمي انساني همدرديءَ جي معاملن ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ فعال ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي نمائندگي ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن ۽ پاڪستان پوليو پروگرام جي سربراهه عائشه رضا فاروق ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل قومن جي لاءِ اسپيشل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن جا ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا.










