اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريگيوليٽري ادارن کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ شفاف، منصفاڻي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول کي يقيني بنائڻ لاءِ لاڳاپيل قانونن جي اثرائتي لاڳوءَ ڪرڻ کي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي. سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري ترقي ۽ مارڪيٽ جي اعتماد کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪاروبار …
وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران ايس اي سي پي جي ڪارڪردگي جو جائزو، ريگيوليٽرز ڪاروباري آسانين سان گڏوگڏ قانون جو اثرائتو لاڳو ڪرڻ يقيني بنائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريگيوليٽري ادارن کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ شفاف، منصفاڻي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول کي يقيني بنائڻ لاءِ لاڳاپيل قانونن جي اثرائتي لاڳوءَ ڪرڻ کي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي. سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري ترقي ۽ مارڪيٽ جي اعتماد کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ريگيوليٽري فريم ورڪ انتهائي ضروري آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪميشن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ، ڪيپيٽل مارڪيٽ کي هٿي ڏيڻ، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ڪيل سڌارن واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ايس اي سي پي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو، ڪمشنرز امتياز حيدر، محمدعلي فريد خواجه، مظفر احمد مرزا ۽ ذيشان رحمان خشڪ سميت سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد ۽ عمر ايم خان به اجلاس ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو، ناڻي واري وزير کي ايس اي سي پي جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته گذريل ڇهن مهينن دوران رڪارڊ 18057 نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي، 149 نين نان بئنڪنگ فنانس ڪمپنين کي مختلف سروسز جي فراهميءَ جا لائسنسز جاري ڪيا ويا ۽ سنڌ ۾ ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس جي ڪامياب لاڳو ڪرڻ کان پوءِ صرف 3 مهينن ۾ ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس ۾ 1300 سيڪڙو واڌ ٿي. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال جنوريءَ کان جون تائين صرف 6 مهينن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 10 شروعاتي عوامي آڇون (آءِ پي اوز) ٿيون ۽ ان دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 127907 نَون سيڙپڪارن جي واڌ ٿي، جنهن سان سيڙپڪارن جو مجموعي انگ 583052 کان وڌي ويو. ايس اي سي پي جي سپر ويزن ۽ انفورسمينٽ جي سرگرمين بابت آگاهه ڪندي ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته ان دوران ڪميشن 75 انسپيڪشن رپورٽون ۽ 13 تحقيقات مڪمل ڪيون، رولز ۽ ريگيوليشنز جي نان ڪمپلائنس ڪندڙ ڪمپنين ۽ سرڪاري ملڪيتي ادارن کي 534 شوڪاز نوٽيسز جاري ڪيا ويا. مالياتي فراڊ ۽ غير قانوني ڊپازٽ وٺڻ خلاف ڪارروائيون ڪندي 397 فيصلا جاري ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڏنڊ فيڊرل ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ ۾ جمع ڪرايا ويا. ناڻي واري وزير سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ گورننس بهتر بنائڻ لاءِ ايس اي سي پي جي قدمن کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتن جي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسرن جي غير حاضريءَ جي معاملن کان آگاهه رکيو وڃي ته جيئن وقت سر سڌارن وارا قدم کنيا وڃن. ناڻي واري وزير ڪمپني رجسٽريشن، لائسنسنگ ۽ پبلڪ آفرنگ جي عمل کي وڌيڪ آسان بنائڻ، ڊجيٽلائزيشن کي هٿي ڏيڻ ۽ انساني مداخلت گهٽ ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن ڪاروباري سرگرمين، نئين لسٽنگز ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. ڊاڪٽر ڪبير سڌو ناڻي واري وزير کي سيڙپڪارين جي ڪي واءِ سي لاءِ آءِ بين بيسڊ سسٽم لاڳو ڪرڻ، مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري لاءِ آسان ڪنيڪٽ جي ايپ ۽ بروڪر ريفرل پروگرام تي به بريفنگ ڏني.










