لڳاتار عدالتي تربيت ۽ بين الصوبائي مؤثر سهڪار، شفاف ۽ اعتماد جوڳي نظام انصاف لاءِ اڻٽر آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته لڳاتار عدالتي تربيت، بين الصوبائي ۽ بهترين عدالتي روايتن جي مٽاسٽا ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ اعتماد جوڳو بنائڻ لاءِ اڻٽر آهي، عدليه جي سڌاراتي ايجنڊا شهرين کي جديد، ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل، شفاف ۽ انصاف جي اثرائتي نظام جي فراهمي تي ٻَڌل آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته لڳاتار عدالتي تربيت، بين الصوبائي ۽ بهترين عدالتي روايتن جي مٽاسٽا ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ اعتماد جوڳو بنائڻ لاءِ اڻٽر آهي، عدليه جي سڌاراتي ايجنڊا شهرين کي جديد، ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل، شفاف ۽ انصاف جي اثرائتي نظام جي فراهمي تي ٻَڌل آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اربع ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جوڊيشل فيلوشپ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن، جن ۾ سڄي ملڪ سان تعلق رکندڙ جوڊيشل آفيسر شامل هئا، چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪئي. اهو فيلوشپ پروگرام سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي جي انتظام هيٺ ريسرچ سوسائٽي آف انٽرنيشنل لا (آر ايس آءِ ايل) جي سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ويو ته جوڊيشل فيلوشپ پروگرام جي شروعات ان جي عدالتي سڌاراتي ويزن تحت ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد بين الصوبائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، جوڊيشل آفيسرن جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ واڌ، تحقيق تي ٻَڌل تعليم، عدالتي فلاح ۽ بهبود ۽ مختلف صوبن جي عدالتي تجربن مان فائدو کڻڻ آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي انهن قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان نوعيت جا پروگرام عدالتي ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏين ٿا، بهترين عدالتي طريقيڪار جي مٽاسٽا جو موقعو فراهم ڪن ٿا ۽ جوڊيشل آفيسرن جي پيشيوراڻي سگهه کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا. هن چيو ته اعليٰ معيار جي عدالتي تعليم ۽ بين الصوبائي رابطا انصاف جي فراهميءَ ۾ هڪجهڙائي، معيار ۽ عوامي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن کي عدليه جي جاري سڌارن واري پروگرام کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قومي جوڊيشل (پاليسي ميڪنگ) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) تحت سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ايڪسيس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ ذريعي سولر انرجي سسٽمز، اِي لائبريريون، اعتماد جوڳي انٽرنيٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ۽ عورت سائلين لاءِ محفوظ ماڳ فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته انهن منصوبن کي آگسٽ 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته جينڊر ريسپانسيو جسٽس انشيئٽو 2027ع تحت سڄي ملڪ جي عورت سهولت مرڪز جي دائره ڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي ته جيئن عدالتن سان رابطو ڪندڙ عورتن کي باوقار، مربوط ۽ آسان خدمتون ميسر ٿي سگهن. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سوال جواب جي ويهڪ به منعقد ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس جوڊيشل آفيسرن جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ کين تلقين ڪئي ته هو ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت، جدت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان انصاف جي فراهمي جي مشن کي اڳتي وڌائين.

مزید خبریں