وقت سر ڪارروائيءَ سان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جا ناپاڪ اِرادا ناڪام بڻايا ويا، شهيدن جي قربانين جا هميشه قرضي رهنداسين: محسن نقوي

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان گذريل 3 ڏينهن دوران ڪامياب آپريشنز ۾ فتنه الهندستان جي 54 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي ڪارڪردگي ۽ بهادريءَ کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر پُٽن وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان گذريل 3 ڏينهن دوران ڪامياب آپريشنز ۾ فتنه الهندستان جي 54 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي ڪارڪردگي ۽ بهادريءَ کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر پُٽن وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. گهرو وزير انهن آپريشنز دوران وطن خاطر شهادت ماڻيندڙ 42 جوانن ۽ شهرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته وطنِ عزيز جي انهن بهادر پُٽن پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ جو دفاع ڪيو، شهيد پوري قوم جو فخر آهن ۽ قوم سندن عظيم قربانين جي هميشه قرضي رهندي. محسن نقوي چيو ته شهيدن جون اهي بي مثال قربانيون دهشتگرديءَ جي لعنت خلاف پوري پاڪستاني قوم جي پُختي عزم جو واضح اظهار آهي. هن وطن تي جانيون قربان ڪندڙ شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حوصلي کي سلام پيش ڪيو.

مزید خبریں