وفاقي گهرو وزير ۽ روس جي گهرو وزير وچ ۾ ملاقات، دهشتگردي ۽ سائبر ڏوهن خلاف گڏيل حڪمت عمليءَ تي اتفاق

نيويارڪ- 08 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ۽ روس جي گهرو وزير ولاديمير اليگزينڊر ڪولو ڪولٽسيف وچ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ تفصليي ملاقات ٿي آهي. ان اعليٰ سطح جي ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ - روس ناتن کي وقت جي گهُرجن موجب وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران خطي جي مجموعي ۽ موجوده …

نيويارڪ- 08 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ۽ روس جي گهرو وزير ولاديمير اليگزينڊر ڪولو ڪولٽسيف وچ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ تفصليي ملاقات ٿي آهي. ان اعليٰ سطح جي ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ – روس ناتن کي وقت جي گهُرجن موجب وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران خطي جي مجموعي ۽ موجوده امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي نئون موڙ ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن منشيات جي خاتمي، دهشتگرديءَ جي روڪٿام ۽ سائبر ڏوهن جهڙن جديد چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي پوليس وچ ۾ پيشيوراڻي صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ گڏيل مشقون ڪرائڻ جي معاملن تي به سنجيدگيءَ سان ڳالهيون ڪيون ويون. ٻه طرفي سيڪيورٽي ڀائيواريءَ کي باضابطه شڪل ڏيڻ لاءِ ٻنهي گهرو وزيرن ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارت وچ ۾ هڪ جامع مفاهمتي يادداشت تي اتفاق ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي روسي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دؤري جي دعوت پڻ ڏني ۽ گذريل ملاقات جي فيصلن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. خطي جي سيڪيورٽي خاص ڪري افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير اهم حقيقتن تان پردو کنيو. هن روسي هم منصب کي ٻُڌايو ته هن وقت افغانستان ۾ 25 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون سرگرم عمل آهن جيڪي عالمي ۽ علائقائي امن لاءِ وڏو خطرو آهن. محسن نقوي واضح ڪيو ته انهن انتهاپسندن جو مڪمل خاتمو ڪنهن هڪ ملڪ جي نه پر اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي ۽ وقت جي گهُرج آهي ته اسان سڀئي گڏجي ان ناسور کي جڙ کان پَٽڻ لاءِ فوري، ٺوس ۽ گڏيل قدم کڻون.

مزید خبریں