وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي ۾ پروڪيورمنٽ معاملن بابت اجلاس

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ پروڪيورمنٽ معاملن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن مقامي ۽ عالمي خريداريءَ جي عمل کي پيپرا قانونن موجب مڪمل شفافيت، ميرٽ ۽ مقرر مُدت اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس دوران ڊائريڪٽر پروڪيورمنٽ ۽ چيف ڪنٽرول آف پرچيز، وفاقي وزير کي پاڪستان ريلوي جي مقامي ۽ عالمي پروڪيورمنٽ بابت معاملن …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ پروڪيورمنٽ معاملن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن مقامي ۽ عالمي خريداريءَ جي عمل کي پيپرا قانونن موجب مڪمل شفافيت، ميرٽ ۽ مقرر مُدت اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس دوران ڊائريڪٽر پروڪيورمنٽ ۽ چيف ڪنٽرول آف پرچيز، وفاقي وزير کي پاڪستان ريلوي جي مقامي ۽ عالمي پروڪيورمنٽ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. ريلوي واري وزير پروڪيورمنٽ جا سمورا مرحلا ۽ جاري رٿائن جو جامع جائزو ورتو. اجلاس ۾ مختلف رٿائن ۽ ٽينڊرز ۾ دير جي ڪارڻن تي لاڳاپيل آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي وزير هدايت ڪئي ته غير قانوني دير ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن پروڪيورمنٽ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو، تيز رفتار ۽ منظم بنائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي مقرر وقت اندر سمورن التوا هيٺ ٽينڊرز ۽ پروڪيورمنٽ بابت معاملا اُڪلائڻ جو حڪم ڏنو. وفاقي وزير چيو ته قومي رٿائن ۾ غير ضروري دير سان نه صرف اداري جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي پر عوامي مفاد کي به نقصان پهچي ٿو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ريلوي ۾ شفافيت، احتساب، وقت سر فيصلن ۽ اثرائتي عملدرآمد تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

مزید خبریں