اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل فوزيه شاهد جي مڙس شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق، فوزيه شاهد ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شاهد عثماني جو لاڏاڻو گهرڀاتين لاءِ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي ايف يو جي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل فوزيه شاهد جي مڙس شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل فوزيه شاهد جي مڙس شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق، فوزيه شاهد ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شاهد عثماني جو لاڏاڻو گهرڀاتين لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سندس سموريون همدردريون فوزيه شاهد ۽ سوڳوار خاندان سان آهن. اسپيڪر ، الله تعالي کان دعا ڪئي ته مرحوم شاهد عثماني کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطافرماءِ، سندس مغفرت فرمائي ۽ گهرڀاتين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطافرمائي.











