ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، مٿانهين پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت، دادو ۾ 45، سبي، ڀکر ۽ خانيوال ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي چيو آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ مان گهميل هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته هڪ گهٽ شدت وارو اولهه وارين هوائن جو سلسلو ملڪ جي اولهندي ۽ مٿانهين علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. 

مزید خبریں