پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ مالياتي استحڪام تي عالمي اعتماد مستحڪم، ملڪي اقتصادي ڪارڪردگي مسلسل بهتر ٿي رهي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ مالياتي استحڪام تي عالمي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي، معاشي سڌارن ۽ اثرائتي معاشي پاليسين سان ملڪ جي اقتصادي ڪارڪردگيءَ جي مسلسل بهتر ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان دوران ملڪي معاشي صورتحال، ڪريڊٽ پروفائل …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ مالياتي استحڪام تي عالمي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي، معاشي سڌارن ۽ اثرائتي معاشي پاليسين سان ملڪ جي اقتصادي ڪارڪردگيءَ جي مسلسل بهتر ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان دوران ملڪي معاشي صورتحال، ڪريڊٽ پروفائل ۽ سڌاراتي ايجنڊا بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز پاڪستان جي معاشي سڌارن، مالياتي نظم و ضبط، قرضن جي پائيداري ۽ معاشي استحڪام لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو. ناڻي واري وزير وفد کي ٻُڌايو ته مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ تحت پاڪستان جي معاشي بنيادي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن گهٽ مهانگائي، وڌندڙ ناڻي جي ذخيرن، مضبوط پرڏيهي شعبي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ کي معاشي استحڪام جا اهم ڪارڻ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته گهٽ مالياتي خساري، رڪارڊ پرائمري سرپلس ۽ بهتر قرضن جي انتظام سان مالياتي پائيداري وڌيڪ مضبوط ٿي. وفد کي ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن، نجڪاري، گورننس ۽ مالياتي نظم و ترتيب ۾ جاري سڌارن کان آگاهه ڪيو ويو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته مسلسل معاشي سڌارن ۽ مالياتي نظم و ضبط سان پاڪستان جي معيشت ۽ عالمي اعتماد ٻئي مضبوط ٿي رهيا آهن.

مزید خبریں