اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان چيني سفارتخاني جي ڪمرشل قونصلر ملاقات ڪئي، جنهن دوران 16 کان 19 جولاءِ تائين ڪراچيءَ ۾ رٿيل پاڪ- چين بزنس ٽو بزنس فارماسيوٽيڪل ڪانفرنس جي تيارين ۽ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان- چين بزنس ٽو بزنس فارماسيوٽيڪل ڪانفرنس ٻنهي ملڪن …
صحت واري وفاقي وزير سان چيني ڪمرشل قونصلر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان چيني سفارتخاني جي ڪمرشل قونصلر ملاقات ڪئي، جنهن دوران 16 کان 19 جولاءِ تائين ڪراچيءَ ۾ رٿيل پاڪ- چين بزنس ٽو بزنس فارماسيوٽيڪل ڪانفرنس جي تيارين ۽ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان- چين بزنس ٽو بزنس فارماسيوٽيڪل ڪانفرنس ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي. هن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ فعال سهڪار، اثرائتي رابطا ڪاري ۽ جامع تيارين جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ڪانفرنس جي نتيجا وڌ کان وڌ اثرائتا ثابت ٿيندا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪانفرنس سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ دواسازي جي شعبي ۾ گڏيل رٿائن ۽ ڀائيواريءَ جا نوان موقعا فراهم ڪندي، جنهن سان پاڪستان جي مقامي فارماسيوٽيڪل صنعت کي پڻ هٿي ملندي. هن ٻُڌايو ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ چين جي ناليواري فارماسيوٽيڪل، ميڊيڪل ڊوائيسز ۽ روايتي چيني طب سان واڳيل ڪمپنين جا سربراهه شرڪت ڪندا، ان کان علاوه سرڪاري ادارن، ريگيوليٽري عملدارن، صنعت ۽ نجي شعبي جا نمائندا به ڪانفرنس جو حصو هوندا.











