بلاول ڀٽو زرداري سان گلگت بلتستان جي اڳواڻن جي ملاقات

استور- 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي خاص ڪري استور جي ترقي، عوامي مسئلن ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران پ پ جي تڪ جي بي اي-14 (استور-II) جي اميدوار سيد عباس موسوي ضلعي استور کي درپيش بنيادي مسئلن کان آگاهه …

استور- 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي خاص ڪري استور جي ترقي، عوامي مسئلن ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران پ پ جي تڪ جي بي اي-14 (استور-II) جي اميدوار سيد عباس موسوي ضلعي استور کي درپيش بنيادي مسئلن کان آگاهه ڪندي مطالبو ڪيو ته عوام کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ضلعي ۾ جديد سهولتن تي ٻَڌل 100 هنڌن تي مشتمل اسپتال قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته اثرائتي طرزِ حڪمرانيءَ لاءِ سمورن سرڪاري کاتن جي سربراهن جي مقرري خاص ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي ۽ استور جهڙي پُٺتي پيل ضلعي ۾ قابل، ديانتدار ۽ باصلاحيت آفيسر مقرر ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي درپيش پُراڻن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهجي. ان موقعي تي پ پ چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته استور جي عوام پ پ تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان جو احترام پارٽيءَ جي پهرين ترجيح آهي. هن خاطري ڪرائي ته پ پ جي حڪومت استور جي تعمير ۽ ترقي، عوامي ڀلائي ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. بلاول ڀٽو، سيد عباس موسوي کي هدايت ڪئي ته هو تڪ جي بي اي-14 (استور-II) جي چونڊ نتيجن جي حوالي سان اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪري. هن چيو ته پ پ قانوني ۽ آئيني طريقيڪار موجب پنهنجي مؤقف جو ڀرپور دفاع ڪندي ۽ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

مزید خبریں