اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (ايف اي سي) فوزيه شاهد جي گهرواري ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير خواڳوار خاندان سان دلي …

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (ايف اي سي) فوزيه شاهد جي گهرواري ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير خواڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪامريڊ شاهد عثماني جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. مرحوم شهد عثماني پنهنجي زندگي اصولن، جمهوري قدرن ۽ عوامي حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ گذاري. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ فوزيه شاهد، گهرڀاتين ۽ سمورن پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحُوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو حوصلي ۽ صبر سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.