اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4700 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 30 هزار 236 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 700 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 30 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4029 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 700 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4700 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 30 هزار 236 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 700 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 30 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4029 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 72 هزار 887 رپين مان گهٽجي 3 لک 68 هزار 858 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 41 هزار 825 رپين مان گهٽجي 3 لک 38 هزار 132 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 138 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6421 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 119 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5504 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4125 ڊالرز مان گهٽجي 4078 ڊالرز ٿي وئي.











