نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران چين ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تي اسان کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي. هن …

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تي اسان کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي. هن چيو ته اسان جون همدرديون انهن خاندانن سان گڏ آهن جن پنهنجي پيارن کي وڃايو ۽ اسان سمورن زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. نائب وزيراعظم چيو ته اسان چيني حڪومت پاران فوري امداد ۽ بچاءُ جي ڪاررواين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ قدرتي آفت جو مقابلو ڪندڙ چيني عوام جي غيرمعمولي حوصلي ۽ عزم کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان مضبوطي سان گڏ بيٺل آهي، ڏک هجي يا مشڪل جي گهڙيءَ اسان جي دوستي سدائين مضبوط ۽ سربلند رهندي آهي.