صدر پاران چين ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ وڏين برساتن سبب ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ وڏين برساتن سبب ٿيندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم 'ايڪس' تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته چين ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ وڏين برساتن سبب اسان جي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي ٿيندڙ نقصان تي وڏو ڏُک ۽ افسوس …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ وڏين برساتن سبب ٿيندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته چين ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ وڏين برساتن سبب اسان جي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي ٿيندڙ نقصان تي وڏو ڏُک ۽ افسوس ٿيو آهي. هن چيو ته پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ مُشڪل جي هن گهڙي ۾ چين جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جي اظهار کي ورجايان ٿو. صدر چيو ته اسان جي جٽادار دوستي سدائين مضبُوط ۽ قائم رهندي.